سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش

0
186

ڪراچي: سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ڪرپٽ آفيسرن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي

غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث ايس بي سي اي جي ٻن آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ  ڊي جي ايس بي سي اي ڪراچي پوليس چيف کي خط لکي ڇڏيو

خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي پوليس چيف کي فراھم ڪيل لسٽ ۾ ڪراچي جي اولھھ ضلعي ۾ مقرر انجنيئر عبدالسميع شيخ ۽ محمد آصف شيخ جا نالا شامل آهن

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين موجب ٻئي آفيسر غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث آهن، بلڊرز ۽ مالڪن کان ڀتو وصول ڪرڻ واري الزام ۾ معطل آھن، غير قانوني اڏاوتن جو سلسلو اوڀر ڊويزن سميت سميت سڄي ضلعي ۾ جاري آهي

ايس بي سي اي جي اختيارين پاران غير قانوني اڏاوتن ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪاررايون تيز ڪيون ويون آھن، ڪجھھ ڏينھن اڳ بھ غير لاڳاپيل ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڪراچي پوليس چيف کي خط لکي سفارش ڪئي وئي ھئي

هي به پڙهندا

اڳوڻن اسيمبلي ميمبرز کانپوءِ سندن مائٽ ڪامورا به سرڪاري گاڏين تي قابض