ملير: منشيات جي فيڪٽري تي ڇاپو، 14 جوابدار گرفتار

0
313
ملير: منشيات جي فيڪٽري تي ڇاپو، 14 جوابدار گرفتار
ملير: منشيات جي فيڪٽري تي ڇاپو، 14 جوابدار گرفتار

ملير: شرافي ۽ قائد آباد پوليس معين آباد جي علائقي ۾ گٽڪو مائو ٺاهيندڙ فيڪٽري تي ڇاپو هڻي لکين رپين جي ماليت جو گٽڪو مائو ۽ گٽڪو مائو ٺاهڻ جو سامان هٿ ڪري 14 جوابدار گرفتار ڪري ورتا

ايس ايس پي ملير موجب گٽڪو مائو ٺاهڻ جي فيڪٽري  مان 16 مشينون ۽ گٽڪو هٿ ڪيو ويو آھي

ڇاپي دوران گٽڪي مائي ٺاهڻ ۾ ڪم ايندڙ سامان سوپاريون، ميگنيشيم ،ڪاربونيٽ، پلاسٽڪ داڻا ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آھي

ايس ايس موجب گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آھي