ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو ) سنڌ اسيمبلي ۾ ٻئي ڏينهن به هنگامو، هڪ ڏينهن اڳ اجلاس ۾ کٽ کڻي اچڻ جي الزام هيٺ معطل 8 ايم پي ايز کي پي ٽي آءِ جا ميمبر هار پارائي دهل ۽ شرنايون وڄائي اسيمبلي پهتا، اسيمبلي انتظاميا گيٽ بند ڪرائي ڇڏيا، پي ٽي آءِ ميمبرن جون پوليس ۽ سيڪيورٽي عملي سان چڪريون، گيٽ تي ڌرڻو هڻڻ بعد ڪجهه ميمبر گيٽ مٿان چڙهي اسيمبلي اندر داخل ٿي ويا، پوليس پي ٽي آءِ ميمبرن سان گڏ آيل دهل ۽ شرنايون وڄائيندڙن کي گرفتار ڪري ورتو، سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جا ميمبر جمهوريت جو علامتي جنازو ڪڍڻ لاءِ کٽ کڻي پهتا هئا، اهڙي عمل جو نوٽيس وٺندي اسپيڪر پي ٽي آءِ جي 8 ميمبرن جي ايوان ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي، انهن معطل ٿيل 8 ميمبرن ۾ سعيد احمد، رابستان خان، ارسلان تاج، محمد علي عزيز، عديل احمد، شاهنواز جدون، بلال احمد ۽ راجا اظهر شامل آهن، انهن پابندي مڙهيل اسيمبلي ميمبرن کي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ٻين ميمبرن سميت هار پارائي دهل ۽ شرنايون وڄرائي جڏهن اسيمبلي اچڻ لاءِ مُک گيٽ تي پهتو ته اسپيڪر جي حڪم سان اسيمبلي انتظاميا ۽ پوليس گيٽ بند ڪري ڇڏيا، گيٽ بند ٿيڻ سبب پي ٽي آءِ جي ميمبرن شديد احتجاج ڪندي نه رڳو اسيمبلي گيٽ تي ڌرڻو هنيو پر پوليس سان چڪريون پڻ ڪيون، ڊيوٽي تي موجود پوليس آفيسرن ۽ اسيمبلي عملي کي گھٽ وڌ ڳالهايو ويو، پي ٽي آءِ جي ڪاوڙيل اسيمبلي ميمبرن اسيمبلي جي مُک گيٽ کي لتون هڻي زبردستي کولائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سيڪيورٽي عملي گيٽ نه کوليو، گيٽ بند هجڻ سبب جماعت اسلامي جو ايم پي اي عبدالرشيد به اندر داخل نه ٿي سگھيو هڪ ڪلاڪ تائين اسيمبلي ٻاهران پي ٽي آءِ جي ميمبرن ۽ سيڪيورٽي عملي وچ ۾ چڪريون ٿينديون رهيون، انهي دوران پوليس پي ٽي آءِ ايم پي ايز سان گڏآيل دهل ۽ شرنائين وارن کي گرفتار ڪري آرام باغ ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو، انهي دوران پي ٽي آءِ جا ڪجهه ايم پي ايز اسيمبلي جا گيٽ ٽپي داخل ٿيا ۽ ڪجهه ايم پي ايز کي وري ٻئي گيٽ کان اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي، جنهن بعد پي ٽي آءِ ايم پي ايز مُک گيٽ اندران احتجاج ڪندي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي، ڌرڻي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ اسيمبلي کي پي ٽي آءِ ميمبرن لاءِ نوگوايريا بڻايو ويو آهي، پابندي لڳل 8 ايم پي ايز سميت پي ٽي آءِ جي سمورن ميمبرن تي پابندي لڳائي گيٽ بند ڪيا ويا. اسان جا 8 ساٿي جمهوريت جا شهيد آهن، هن چيو ته پ پ جا وزير ايوان ۾ گاريون ڏين تڏهن به انهن تي پابندي لڳائي نٿي وڃي، اسان جي ميمبرن تي پابندي لڳائي وئي آهي، اسان اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آياسين ته سادن ڪپڙن ۾ بلاول هائوس مان گھرايل ڪجهه هٿياربندن گيٽ تي روڪيو ۽ دروازا بند ڪري ڇڏيا، پوليس جي وردي ۾ آيل جيالن اسان جي ميمبرن سان بدسلوڪي ڪئي، هن چيو ته اسان 5 سالن کان جھموريت جو جنازو نڪرندي ڏسون پيا، ايوان ۾ اسان جا مائڪ بند ڪيا وڃن ٿا، اسان جي ميمبرن کي ڳالهائڻ به نه ٿو ڏنو وڃي. پي ٽي آءِ جي ڌرڻي دوران اسپيڪر سراج دراني اسيمبلي جي ڪارروائي هلائيندي چيو ته 8 ايم پي ايز کانسواءِ ڪنهن به ميمبر تي ايوان ۾ اچڻ تي پابندي ناهي، صوبائي وزير مڪيش چاولا چيو ته گيٽ تي تماشو لڳايو ويو، پي ٽي آءِ جا 8 معطل ميمبر زبردستي داخل ٿيڻ چاهين ٿا، جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني اسيمبلي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پوليس سان ڳالهائي، اسيمبلي جي سيڪيورٽي عملي کي هدايتون ڏنيون وڃن ته پابندي پيل ميمبرن کي اندر اچڻ نه ڏنو وڃي