سنڌ اسيمبلي مان لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2013ع اتفاق راءِ سان منظور، اپوزيشن جو واڪ آئوٽ

0
276
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي مان لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2013ع اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. بل جي منظوري وقت پي ٽي آئي، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي توڙي جماعت اسلامي مميبرن پاران پاڪ آئوٽ ڪيو ويو ۽ ايوان ۾ موجود نه هئا. صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته بل پاس ٿيڻ وقت تي ٽي ايل پي جي ميمبر موجود هئي ان جو مقصد ته هي بل اتفاق راءِ سان پاس ٿيو آهي، سنڌ ۾ اسان ترميم ڪري مڪاني نمائندن کي بااختيار ڪيو آھي، مخالف ڌر کي پڙهڻ کان سواءِ مخالف ڌر مخالفت ڪئي.

هوڏانهن اپوزيشن جي ڪنور نويد جميل ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسمبلي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواء ۽ ڪاپي به بل جي بنا ڏيڻ جي اڪثريت جي بنيادن تي بل پاس ڪرايو ويو، جيڪڏھن ڪا چوري نه هئي ته بل کي ميمبرن آڏو آندو وڃي ها،  ڪاميٽي جوڙي وڃي. هن چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اپوزيشن جا ميمبر ناهن ته خاص ڪميٽي جوڙي انهي بل کي رکيو وڃي ها، بل کي بحث لاء نه ڏنو ويو. انهي بل کي رد ڪريون ٿا, جيڪڏھن اهو رويو رهيو ته جعلسازي خلاف روڊن تي اينداسين.