بلاول جي ڪري پ پ ۾ شامل ٿي سگهان ٿي: حريم شاهه

0
313

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه چيو آهي ته مون کي وڊيو ليڪ ٿيڻ جو ڪو خوف ناهي.هڪ انٽرويو ۾ حريم شاهه چيو ته ذاتي زندگي ۾ ڪنهن کان به نٿي ڊڄان، تنهن ڪري ڪنهن جو حڪم منهنجي مٿان ناهي هلندو، مون کي ويڊيو ليڪ ٿيڻ جو ڪو خوف ناهي هوندو،

ڇاڪاڻ ته اهڙو ڪو ڪم ئي ناهي ڪيو جو ڊڄان.هن چيو ته منهنجو سياست ۾ اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، جيڪڏهن موقعو مليو ته مستقبل ۾ پ پ ۾ شامل ٿي سگهان ٿي ۽ ان جو سبب بلاول هوندو.

سندس چوڻ هو ته ماڻهن کان نه رب جي ذات کان ڊڄو، ڪوڙي عزت جو لباس نه پايو، جيڪڏهن منهنجي ڪا ويڊيو ليڪ ٿئي ٿي ته ڊڄڻ بدران چونديس انجواءِ ڪيو.