سنجهورو (ن پ ا) سنجهوري ويجهو صدرٺ 2 شاخ جي محمد خان فيڊر جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف ملڪ عمران، شبير ليلا، ملڪ اسد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي صدرٺ 2 شاخ جي منڍ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي آبادگارن دانهيندي چيوته آبپاشي عملدارن 2 مهينن کان شاخ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب زمينون غيرآباد ٿي ويون آهن، اسان وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي به اڻلڀ ٿي چڪو آھي، هنن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي پڇڙي ۾ پاڻي ڏئي پريشاني ختم ڪئي وڃي.