نوشهروفيروز(رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڀريا واسي نينگر سمير ڪلهوڙو جي وارثن انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. نينگر جي امڙ رضيا ڪلهوڙو، بابر عباسي، امين ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا اڳيان نينگر سمير جي امڙ روئيندي دانهيو ته سندس بيگناهه پٽ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي جيڪا وڏي زيادتي آهي پوليس جوابدار گرفتار ڪيا پر هڪ جوابدار نياز بروهي پوليس حراست مان ڀڄايو ويو مون کي شڪ آهي ته پوليس پئسا وٺي جوابدار کي ڀڄايو آهي ايس ايس پي نوشهروفيروز ايس ايچ او سميت پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن کي معطل ته ڪيو آهي پر ڀڄي ويل جوابدار اڃا تائين رفتار ناهي ٿي سگهيو. هن مطالبو ڪيو ته پٽ کي بيدردي سان قتل ڪندڙ جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري منهنجي معصوم جي بيگناهه ٿيل خون سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف ايس ايس پي آفيس ۾ موجود نه هجڻ ڪري نينگر سمير علي جا وارث ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويٺل آهن.