سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ڀرسان مبينا اغوا بعد پاڻمرادو گهر پهچندڙ ڳوٺ ڌڱاڻو مهيسر واسڻ مسمات رشيده زال مختيار مهيسر کي لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس سجاول جوڻيجو پوليس حوالي ڪيو، جتي عورت بيان جي آڌار تي سندس مڙس جي فرياد تي ٻن جوابدارن يارمحمد مستوئي ۽ اختيار مستوئي خلاف لڄالٽ جي ارادي سان گهر مان اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب عورت کي اڄ ميروخان جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.