اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين شريڪ جوابدارن خلاف ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي 20 مئي تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي نيب جي شاهد امير علي جتوئي کي بيان رڪارڊ ڪرڻ لاءِ طلب ڪري ورتو، ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي جج اعظم خان جي عدالت ۾ ٿي، ٻڌڻي جيئن شروع ٿي ته عدالت ۾ آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ غني مجيد پيش نه ٿيا، جنهن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جوابدارن جو وڪيل ڪٿي آهي، عدالت ۾ موجود عملي ٻڌايو ته جوابدارن جو وڪيل رستي ۾ آهي جلد پهچي ويندو، ان دوران عدالت ڪجهه دير لاءِ ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو، وقفي کانپوءِ عدالت ۾ شريڪ جوابدارن جو وڪيل پيش ٿيو، جنهن آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست پيش ڪئي، جيڪا عدالت منظور ڪئي.