لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي ريشم گلي مان بنگل ديرو واسڻ نوجوان ناري مهرالنساءَ عباسي جو 2 ڏينهن گذرڻ باوجود پتو پئجي نه سگهيو آهي، ناري جي وارث عورتن مارڪيٽ ٿاڻي اندر پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، وارث عورتن سونيا صنم،نائلا عباسي ۽ ٻين دانهيو ته مهرالنساءَ فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي ۽ گهر ۾ ٽيوشن پڙهائيندي آهي، جيڪا عيد جي خريداريءَ لاءِ لاڙڪاڻي جي ريشم گلي آئي ته گم ٿي وئي، هنن چيو ته اطلاع باوجود پوليس هن وقت تائين ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي. هنن مطالبو ڪيو ته ناري کي هٿ ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيج مختلف هنڌن تان هٿ ڪري ورتا آهن جيڪي چيڪ ڪري ناري جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.