نئون ديرو (ن پ ا) گذريل ڏينهن نئون ديرو ڀرسان ڪيٽي ممتاز پوليس ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ڀنڀو شيخ ٻاهران هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار عبدالفتاح گهانگهرو کي علاج بعد گهر منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي جي اطلاع تي رات دير سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو نئون ديرو اسپتال پهچي زخمي پوليس اهلڪار جي عيادت ڪئي ۽ واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو. هوڏانهن ڳڙهي خدابخش ڀٽو سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس علائقي ۾ ڏوهارين جو پيرو کڻڻ بعد ڪچي واري علائقي تاجوديرو ۾ پيرا وڃائي واپس موٽي آئي. ذريعن نوجب پوليس 4 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.