اوٽاوا(دلچسپ نيوز) سمنڊ ۾ ڪريل قيمتي آءِ فون هڪ سال بعد مالڪ کي واپس ملي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪينيڊا ۾ شين اسٽيفن نالي ٽوٻي کي ناياب شيون ڳولڻ دوران سمنڊ مان هڪ قيمتي آءِ فون هٿ آيو، شين اسٽيفن آءِ فون مالڪ کي پهچائڻ لاءِ ان جون تصويرون ۽ تفصيل ٽڪ ٽاڪ تي شيئر ڪري ڇڏيا جڏهن ته ٽوٻي آءِ فون سروس سينٽر سان پڻ رابطو ڪيو جنهن بعد ايڊريس هٿ ڪري مالڪ تائين پهچي ويو ۽ کيس سندس وڃايل آءِ فون حوالي ڪري ڇڏيو.مالڪ هڪ سال بعد آءِ فون ملڻ تي تمام گهڻو خوش ٿيو، آءِ فون ۽ سم ڪارڊ به صحيح حالت ۾ هئا. ان حوالي سان شين اسٽيفن جو چوڻ هو ته جيڪي به شيون هٿ اينديون آهن اهي ٽڪ ٽاڪ تي شيئر ڪري مالڪن تائين پهچائيندو آهيان مون کي ان کان اڳ چشما، لائٽر، فلپ فون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ناياب شيون هٿ اچي چڪيون آهن جيڪي صحيح سلامت حالت ۾ مالڪن تائين پهچائي چڪو آهيان.