سماج جي خراب ماحول جو ذميوار ڪير آهي؟؟

0
259
شاگرد صرف اسڪولن ۾ نه آهن..!!

 هونئن ته اسانجي زندگيءَ جي هر رُخ جي اڳيان هڪ نظر نه ايندڙ invisible سواليه نشان هوندو آهي جنهن کي ڏسي ۽ سمجهي ڪو ڪو سگهندو آهي. مگر جيڪو ڏسي ۽ سمجهي سگهندو آهي اهو به جهڙوڪر نه ڏسڻ ۽ نه سمجهڻ جهڙو هوندو آهي.. ڇو ته اهو جيڪڏهن چوندو ته سهي کي ٽي ڄنگهون آهن ته ڪير مٿس اعتبار ڪندو..؟ اعتبار ته پري جي ڳالھه مگر مورڳو  سموري خلق ان تي ٺٺول پئي ڪندي. ڇو ته سڀ ڏسندا پيا هوندا آهن ته سهي کي ته چار ڄنگهون آهن.. ٽن ڄنگهن وارو سَهو ته ٿي به نه ٿو سگهي! اسانجي زندگين سان به بلڪل ساڳيو ئي قصو آهي. اسان (خيالي)حساب ۾ ته هرڻ کي به منڊو ڪري ڇڏڻ جي صلاحيت رکندا آهيون مگر حقيقتن اهو سڄو ڪجهھ اسانجي نظر جو دوکو هوندو آهي! نظر جو اهڙو دوکو جيڪو سراب جي شڪل ۾ اسانکي نظر ايندو آهي جنهن مان پري کان بيٺل پاڻي جو گُمان هوندو آهي مگر ويجهو وڃڻ کانپوءِ خبر پوندي آهي ته اهو اصل ۾ پاڻي نه بلڪه خشڪي جو نظارو هو جيڪو پري کان اسانکي پاڻي وانگي نظر اچي رهيو هو! شيخ اياز هن دنيا کي حيرت جو جزيرو ڪوٺيو آهي!مطلب جيترو هن دنيا  (رازن) ۾ لهندا ويندا اسانجي اکين جي حيرت ۽ دل جو تجسس وڌندو ويندو. هيءَ دنيا بلڪل شاعر جي انهن خيالن سان ٺهڪندڙ دنيا آهي جنهن ۾ شاعر چيو آهي ته

هوتا هي شب و روز تماشا ميري آگي….

جڏهن هتي اڻ ٿيڻيون ٿيو وڃن، نا ممڪن ممڪن ٿي وڃي، رات کي ڏينهن ۽ ڏينهن کي رات بنائڻ وارا مَها جادوگر موجود هجن ته پوءِ اسان جهڙن ڀورڙن سان “اکمُنڊ” ٿيڻ غير ممڪنات ۾ ناهي.

اهڙي طرح ڪجھه سال پهريان تائين ڪي خبرون، ڪي ڳالهيون، ڪي واقعا يا ڪي اڻ ٿيڻيون اسانجي ملڪ ته ڇا پر اسانجي  ننڍي کنڊ کان به ٻاهر ٿيندون هيون ته اسان کي حيرت ٿيندي هئي ته  انهن ملڪن ۾ هي ٿئي ڇا پيو؟ پر پوءِ آهستي آهستي اُهي شيون سُرنديون سُرڪنديون جڏهن اسانوٽ پهتيون ته شروع ۾ اسان ڇرڪجي وياسين، پوءِ انهن کي مڃيوسين ۽ آخر ۾ پاڻ به (ننڍا وڏا) سڀ اهو ڪرڻ لڳاسين.. انهيءَ کي ئي زماني جي ارتقا ۽ تغير چئبو آهي، جو پهريان ڪنهن حقيقت کي مڃيو ئي ناهي ويندو، ٻيو ان جو مذاق اُڏايو ويندو آهي ۽ آخر ۾ اهو پنهنجو پاڻ مُروج ٿي ويندو آهي!

سو ڳالھه پئي هلي اڻ ٿيڻين جي.. اٽڪل ٻه ڏهاڪا پهريان پاڻ وٽ هڪ اصطلاح ٺهيو “پريمي جوڙو”. جنهن کي شروع ۾ اسانجي ڪانڀو خاني ڪلچر روايتي انداز ۾ رد ڪري ڇڏيو.پوءِ اُن جو مذاق اُڏاريو، نيٺ آخر ۾ اهو خودڪار طور سماج ۾ مروج ٿي ويو! مروج به اهڙو ٿي ويو جو چوڌاري صرف پريمي جوڙن جا قصا ٻڌڻ ۾ پئي آيا. ويتر ڪورٽ سڳوري به اهڙن پريمي جوڙن جي پسند جي پرڻي کي “پرمٽ” جاري ڪري پريمي جوڙن لاءِ رستا ئي صاف ڪري ڇڏيا!!پريمي جوڙن جي ڄڻ هڪ ڊوڙ لڳي وئي جنهن ۾ مذهبي عالم، فلمي شخصيتون، سياستدان، رانديگر سڀ  ٻه ٻه ٽي ٽي دفعاپريمي جوڙا بڻجي هڪٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويا! هاڻي پريمي جوڙا ته ماضي جو قصو ٿي ويا ان کانپوءِ مس ڪال جي محبت،  عشق ۽ آخر ۾ شادي هڻي وڃي هنڌ ڪيو!! جو ڪيترائي سادڙا مس ڪال تي پاڻ ڦُرائي ويهندا رهيا! ڳالھه اڃا اڳتي هلي آواز ۽ وڊيو چئٽ تي پهتي.. ڪيترائي “ڪنڌار” عاشق عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويا، ڪيترائي وڊيو ڪالز تي“دل هٿن ۾ آ خريدار ٿو ڳوليان” جي مثال رهيا. جيڪو سلسلو هڪ پوري نئين جنريشن ۾ منتقل ٿي ويو! پريمي جوڙن،مس ڪال جي محبت ۽ وڊيو ڪالز جي موضوع تي ڪيترو ئي لکيو ويو، ان تي ڊراما، فملون، ناول ۽ ڪهاڻيون ٺهيون جيڪي “هاٽ موضوع” جي شڪل ۾ اڃا به هلي رهيا آهن..

ان جو وري ٻيو پهلو منفي انداز ۾ اسانجي سامهون آيو. اسڪولن ڪاليجن ۽ مادرِ علمين ۾ اها وبا ايئن ڪاهي پئي جنهن جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي. ڪيتريون ئي سادڙيون اديون گليمر تي موهت ٿي(يا ڏکين حالتن کان تنگ ٿي) پنهنجي ڪلاس ميٽس، استادن يا ٻئي عملي سان  پيار جا پرڻا ڪرڻ لڳيون. اُهي پيار جا پرڻا عارضي آٿتن جيئن گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهيا. پوءِ پيار پيار نه رهيو هڪ ڪاروبار بڻجي ويو ۽ هَوس جي صورت وٺي ڦهلجڻ لڳو..ڪافي ڇوڪريون پريمين وٽ اچي ٻين جاين تي وڪرو ٿي ويون، ڪافي پريمين کي روبرو ڏسندي ئي ٿاڻن تي وڃي پهتيون (جو سندن پريمي بدصورت هئا) ۽ ڪن لکئي جو ليک سمجهي گهر وسائڻ  ته چاهيو مگر ٿوري ئي عرصي ۾ سندن وچ ۾ “اٿاھ محبت” نفرت ۾ تبديل ٿي، ڳالهھ طلاق تائين وڃي پهتي..

پريمي جوڙن جي ان سڄي ماجرا ۾ سچ، ڪوڙ،  ٺڳي، دوکو، دولاب، دلاسو ۽ فريب ٻنهي ڌُرين جي دلين ۾ پلجندو رهيو.. ان سڄي مامري جو فائدو “ٽين ڌُر” به وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. يعني هاڻي بي حيائي ۽ فحاشي ان حد تائين پهچي وئي هئي جو ڪابه عورت، ڇوڪري ۽ ننڍي عمر جو ڇوڪرو ڪنهن به جاءِ تي محفوظ نه رهيو هو! ڪيترين ئي معصوم ٻارڙين سان بگهڙ صفت انسانن ريپ ڪري بعد ۾ کين ماري ڇڏيو.ريپ جا اهي واقعا ٿاڻن، ڪورٽن، دارالامان، روڊن، سڙڪن، شاهراهن، مدرسن، مسجدن،  اسڪولن، اسپتالن توڙي پارڪن ۾ عام جام ٿيڻ لڳا. ڊاڪٽر نمرتا، ڊاڪٽر نوشين ۽ نائلا رند وغيره انهيءَ “ٽين ڌُر” جي ڀينٽ/ٻَلي چڙهي ويا. هاڻي اسڪولن ۾ وري ننڍي عمر جي شاگرد  ۽ ماسترياڻين جي پيار جا پرڻا چوٽ چڙهيل آهن، اڃا اڳتي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي.