سنڌ کي پنهنجي وسيلن تي به حق نٿو ڏنو وڃي: سيد مراد علي شاهه

0
236
پ پ قيادت وڏي وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ کي پنهنجي وسيلن تي به حق نٿو ڏنو وڃي، اسان سان زيادتي جي حد ٿي وئي آهي، ڪراچي تي آبادي جو دٻاءُ وڌي ويو، هتي صنعتي ترقي يا زون بڻائڻ ممڪن ناهي

ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيوآهي ته سيڙپڪار هاڻي ڪراچي کان ٻاهر نڪرن، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور ۾ به سيڙپڪاري ڪئي وڃي امن بحال رکڻ لاءِ هرممڪن ڪوشش ڪنداسين

هن چيو آهي ته ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي موجودگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي اٿئون، جِتان منشيات اچي ٿي، اُهي سڀ آجا ٿيڻ ڪري منشيات جو ڪاروبار ڪنٽرول نٿو ٿئي، قانونسازي ڪريون پيا ته جيئن اهڙن ڏوهن ۾ ملوث جوابدار آزاد نه ٿي سگهن

وڏي وزير چيو آهي ته ڌاٻيجي اقتصادي زون ڪراچي جو متبادل هوندو، هن منصوبي تي عمل لاءِ منهنجي لاءِ 5 مهينا پنج سالن جيان گذريا آھن، اڪيلو گواه آهيان ته 2016 کان هن مهل تائين پاڪستان ۽ چين وچ ۾ لاڳاپن ۽ معاهدن جو اسان حقيقي بنيادن تي هنن منصوبي سميت سي پيڪ منصوبن جو بندوبست ڪيو

هن چيو ته شھيد محترمه بينظير ان زماني ۾ ڪي ٽي بندر منصوبي جو پلان ڏنو پر ڪيترا سال گذري ويا، اصل مسئلو سپورٽ جو آھي جيڪي اسان کي ميسر ناهي، ڪي ٽي بندر، ٿر ڪول ۽ ٽيون منصوبو ڌاٻيچي اڪنامڪ زون هو جنهن تي ڪم جي ضرورت ۽ عمل سان بهتري ممڪن هئي

وڏي وزير چيو آهي ته هن وقت ملڪ گهڻي مالي مشڪلاتن جو شڪار آھي، پر بدقسمتي سان ان معاملي جو ادراڪ نٿو ڪيو وڃي، ايندڙ وقت ۾ ملڪ کي سستي توانائي جو وڏو معاملو درپيش آھي

هن چيو ته ملڪ کي سي پيڪ مان فائدو تڏهن ملندو جڏهن صنعتي ترقي تي عمل ٿيندو، اسان جي ڪوشش هوندي ته هنن منصوبن تي ڌيان ڏيون

وڏي وزير چيو ته خيرپور جو صنعتي زون مڪمل آھي، ڌاٻيچي ۾ پنج ارب رپين جو پوٽينشل ۽ ٻه لک نوڪريون ملڻ جو سبب هوندو، اسان هن منصوبي ۾ وڌيڪ زمين به ڏينداسين ۽ پاڻي هنن جي ڪم جي تڪميل کان اڳ پهچائي ڏينداسين، اسان پنهنجي دوست ملڪ چين سان گڏجي وڌيڪ ترقي ڪري سگهون ٿا

هن چيو ته اسان خانگي سيڪورٽي ڏيندڙ ڪمپنيز ۽ جن کي سيڪورٽي ڏني وڃي ٿي اها ڊيٽا وصول ڪري رهيا آھيون، علم ۾ آيو آھي ته گارڊس به ڏوهن ۾ ملوث آهن

وڏي وزير چيو ته ڀرتين جي 19 هزار پوسٽ پيل آھن، پوليس ۾ پابندي سبب مسئلا آھن، 15هزار پوسٽن لاءِ جن نوجوانن جي آرمي جي معيار تحت فزيڪل فٽنيس پوري آھي ته ان کي ڀرتي لاءِ مارڪس گهٽ ڪري رهيا آھيون