موهن جو دڙو (ن پ ا) سماجي تنظيم انڊس ڪانگريس جو چيئرمين غلام مصطفيٰ سومرو موهن جو دڙو پهتو، سندس چوڻ هو ڪنگ پريسٽ جي بيحرمتي ڪريل حرڪت آهي، موهن جي دڙي جي مٽي، سنڌو درياهه جو پاڻي ۽ شاهه جو رسالو کڻي سنڌ جي ساڃاهه وندن ڏانهن ويڇا وساري گڏجڻ لاءِ ميڙ وٺي وينداسين. خبر موجب انڊس ڪانگريس جي چيئرمين غلام مصطفيٰ سومرو، سجاد علي سومرو، غلام علي خاصخيلي، ممتاز بگٽي، عبدالغني ڪُٻر، توقير سرهيو، منظر خاصخيلي ۽ ٻين پهچي قديم تهذيب ۽ پنج هزار سال پراڻي تاريخ رکندڙ موهن جي دڙي جي مٽي ۽ سنڌو درياهه جو پاڻي کنيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مصطفي سومرو چيو ته اسان جي تنظيم جو مقصد آهي ته سنڌ واسي پنهنجا ننڍڙا ننڍڙا مفاد وساري سنڌ امڙ جي عظمت ۽ ترقيءَ لاءِ هڪ ٿين، هن چيو ته ان حوالي سان اسان اڄ موهن جو دڙو جي مٽي، سنڌو درياهه جو پاڻي، شاهه جو رسالو ۽ سنڌ جي ثقافت اجرڪ کڻي سڀني قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ڏانهن ميڙ کڻي وينداسين ته هو سڀ گڏجي سنڌ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ گڏ ٿين، هن چيو ته ڪجھه ڏينھن اڳ ڪنگ پريسٽ جي مجسمي جي بيحرمتي ڪرڻ جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو ته دنيا چنڊ تي پهتي آهي پر اسان جي ماڻهن کي پنهنجي تاريخ جي به خبر ناهي، ڇو ته ڪنگ پريسٽ جي تاريخ جي ڄاڻ رکندڙ ڪڏھن به اهڙي ڪريل حرڪت نٿا ڪري سگهن، هن وڌيڪ چيو ته اسان کي پنهنجي اولاد ۽ نوجوان نسل کي پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ننڍن وڏن شهرن ۾ سيمينار ڪرائڻ گهرجن.