حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ مھراڻ يونيورسٽي ۾ انتظامي عھدن تي پنهنجا نواز پاليسي تحت عملدار ۽ استاد مقرر ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ سميت لاڳاپيل عملدارن کي نوٽيس جاري ڪندي کانئن 18 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. مهراڻ يونيورسٽي جي ملازمن رائو عبدرازق ۽ ٻين عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ انهن سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز، چيئرمين ھائر ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان، نيب، مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته مهراڻ يونيورسٽي ۾ استادن کان ويندي رجسٽرار تائين من پسند ماڻهن کي عهدن سان نوازيو ويو آهي جنهن ڪري ڪافي عرصي کان يونيورسٽي ۾ ملازمت ڪندڙ ۽ پڙهائيندڙ استاد ترقين کان محروم بڻيل آهن. درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو ته يونيورسٽي ۾ انتظامي عھدن تي ويٺل ڪامورن تي مبينا طور ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن جنهن جو انڪشاف 2020ع ۾ آڊٽ رپورٽ دوران به ٿيو هو. عدالتن ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز، يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سميت لاڳاپيل عملدارن کي نوٽيس جاري ڪندي 18 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.