سلمان خان سوناڪشي سنها سان شادي ڪري ڇڏي؟

0
540
سلمان خان سوناڪشي

ممبئي(شوبز نيوز) سلمان خان هر روز پنهنجي شادي ۽ ناراضگي سان سرخين جو حصو هوندو آهي ۽ اڄڪلهه اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي هڪ ڀيرو ٻيهر دبنگ خان جي شادي جون ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن ۽ هن ڀيري اداڪار شتروگهن سنها جي ڌيءَ سوناڪشي سنها جو نالو سلمان سان ڳنڍيو پيو وڃي

سوناڪشي سنها پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات سلمان خان سان فلم “دبنگ” سان ڪئي هئي. تازو ئي سلمان ۽ سوناڪشي جي شادي جي خبرن جو سبب اهي تصويرون بڻيون آهن جنهن ۾ سلمان سوناڪشي کي مُنڊي پارائي رهيو آهي.  جنهن سلمان جي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. هر ڪو ايئن چئي رهيو هو ته سلمان ڳجهي نموني سوناڪشي سان شادي ڪئي آهي. جڏهن ته هن تصوير مان جنم وٺندڙ ٻنهي اداڪارن جي شادي جي خبرن ۾ ڪا به سچائي ناهي، هي تصوير رڳو افواهه پکيڙڻ جي لاءِ ايڊٽ ڪئي وئي آهي.