هي ته گنجو آ! گهوٽ جي گنج ڏسي ڪنوار جو شادي کان انڪار

0
379
هي ته گنجو آ! گهوٽ

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارت ۾ شادي جي تقريب دوران مزاحيه واقعا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندا رهن ٿا، ڪجهه واقعن ۾ ڪنوار وقت تي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿي، ته ڪجهه واقعن ۾ گهوٽ ماني ۾ دير ٿيڻ سبب شادي ٽوڙي ڇڏي ٿو. اهڙو ئي هڪ واقعو ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ پيش آيو آهي جتي گهوٽ اجي ڪمار وڏي شان سان شادي هال ۾ پهتو. تقريب دوران گهوٽ ۽ ڪنوار پاران هڪ ٻئي کي گلن جا هار پارائڻ جي تقريب مڪمل ٿي وئي پر ان دوران ڪنوار گهوٽ کي بار بار وگ ٺيڪ ڪندي ڏٺو

ان کان پوءِ شاديءَ ۾ شريڪ مهمانن به ڪنوار کي ٻڌايو ته گهوٽ گنجو آهي ۽ شاديءَ واري ڏينهن سٺو نظر اچڻ لاءِ وگ پائي آيو آهي. ڪنوار به جڏهن گهوٽ کي غور سان ڏٺو ته حقيقت واضح ٿي وئي ۽ ڪنوار اسٽيج تي بيهي بيهوش ٿي وئي، هوش ۾ اچڻ بعد ڪنوار شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. گهرڀاتين ڪنوار کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ پنهنجي فيصلي تي قائم رهي، واقعي کانپوءِ ڪنواريتن گهوٽيتن خلاف دوکي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.