لنڊن(م ڊ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ پرويز خٽڪ سميت سينئر اڳواڻن  ۽ وزيراعظم عمران خان وچ ۾ ڏند چڪ ٿي. ان باري ۾ پي ٽي آءِ جي ايم اين اي نور عالم خان بي بي سي کي ٻڌايو ته اسيمبلي ميمبرن قومي مفاد ۾ پنهنجا خدشا وزيراعظم کي ٻڌايا، بجلي ۽ گيس مهانگي ٿيندي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪيئن عوام وٽ وينداسين. مون چيو ته اسان ئي بجلي پيدا ڪندا آهيون ۽ ڇا هاڻ اسان کي مهانگي بجلي ڏني ويندي؟ پرويز خٽڪ گيس ڪنيڪشن بند ڪرڻ تي خدشن جوا ظهار ڪيو. مون چيو ته دفاعي مفادن سميت ادارا آءِ ايم ايف حوالي ڪيا ويا ته بل جي حمايت نه ڪندس، اسٽيٽ بينڪ جو گورنر آءِ ايم ايف جو نمائندو آهي. نورعالم چيو ته وزيراعظم کان سوال ڪيا ته اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري سان سلامتي ادارا ته متاثر نه ٿيندا؟ سلامتي جي ادارن جي اڪائونٽن جا تفصيل به آءِ ايم ايف کي ڏينداسين؟ مني بجيٽ سان اسان کي گيس پاڻي، بجلي ملندا؟ وزيراعظم چيو ته ملڪي مفادن تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو، سلامتي جي ادارن جو تحفظ هر صورت يقيني ۽ پهرين ترجيح آهي. نور عالم اجلاس جي ڪارروائي جي تصديق ڪندي چيو ته هر مل لاءِ ان جا ادارا ۽ قومي مفاد اهم هوندا آهن. بي بي سي موجب بچاءُ وزير پرويز خٽڪ، نور عالم ۽ ٻين ميمبرن مني بجيٽ، مهانگائي ۽ اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري بابت خدشن جو اظهار ڪيو.