لاهور (م ڊ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز  چيو ته آهي ته حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ جيڪو به طريقو آزمائڻو پوي آزمائجي. بلال ياسين جي عيادت جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته مري واقعو سڄي دنيا جي سامهون آهي، اتي ماڻهو برف سان نه پر حڪمرانن جي نااهلي ۽ بي حسي سبب فوت ٿيا، سخت سيءَ ۾ خاندانن جا خاندان مرندا رهيا ۽ هي بني گالا ۽ وزيراعليٰ هائوس ۾ هيٽر هلائي سُتا پيا هئا، عوام کي سڀ خبر آهي ته سچ ڇا ۽ ڪوڙ ڇا آهي.هن چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو جو بيانيو هاڻ نه رڳو سياسي جماعتن جو پر عوام جو بيانيو بڻجي ويو آهي، هاڻ ته سياسي جماعتن کي عوام جي چوڻ تي هلڻو پوندو، هن حڪومت جي نااهلي ۽ نالائقي سڄي دنيا جي سامهون آهي. سندس چوڻ هو ته عوام عذاب ۾ آهي، اڳ مون کي لڳندو هو ته حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ گهرجي پر هاڻ چوان ٿي ته حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ جيڪو به طريقو آزمائڻو پئي آزمائجي.