سرڪاري نمبر پليٽ واري ويگو مان 250 ڪلو چرس هٿ

0
503
سرڪاري نمبر پليٽ واري ويگو مان 250 ڪلو چرس هٿ
سرڪاري نمبر پليٽ واري ويگو مان 250 ڪلو چرس هٿ

سانگهڙ:  سي آءِ اي پوليس ڪارروائي ڪري سرڪاري نمبر پليٽ واري ويگو گاڏي مان 250 ڪلو چرس هٿ ڪندي ليويز جِي وردي پهريل 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

گرفتار جوابدارن ۾ عبدالخالق، ڪاشف ۽ زيتون خان شامل آهي، جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي

سي آءِ اي انچارج جاويد جلباڻي موجب ڳجهو اطلاع مليو ته ڪوئيٽا مان سنجهورو ڏانهن ويندڙ سرڪاري نمبر پليٽ واري ويگو گاڏي کي روڪيو ۽ جهڙتي ورتي ته 250 ڪلو گرام چرس هٿ آيو

سي آءِ اي پوليس موجب گرفتار جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو