ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر ٻيهر بي لغام: 7 رپين جي واڌ سان  274 رپين تي پهتو: سون ۾ 2700 رپين جي واڌ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 2700 رپين جي اضافي سان  194400 مان 197100 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 27 ڊالرن جي واڌ سان 1837 ڊالر  في آئونس تي پهچي ويو، هوڏانهن چاندي 10 رپين جي اضافي سان 2230 مان 2240 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 7 رپين جي اضافي سان 267 مان 274 ۽ انٽر بينڪ ۾ 4.61 رپين جي واڌ سان 261.50 مان 266.11 رپين تي پهتو، هوڏانهن پائونڊ 2 رپيا واڌ سان 318 مان 320 ۽ يورو اڍائي رپيا اضافي سان 279.3 مان 281.8 رپيا ٿي ويو