سردار تيغو خان تيغاڻي ڪراچي مان ٻن پٽن سميت کنڀجي ويو

0
977

شڪاپور (ن پ ا) سردار تيغو خان تيغاڻي ڪراچي جي گلستان جوھر واري علائقي مان ٻن پٽن ۽ ھڪ ڀائيٽي سميت کنڀجي ويو. سردار تيغي خان جي سوٽ عبدالنبي تيغاڻي جو چوڻ هو ته شاگرد خالد خان تيغاڻي،مشتاق تيغاڻي، منور تيغاڻي،ڀائيٽو غلام محمد سميت 10 ڄڻن کي رات دير سان کنڀيو ويو. هن چيو ته ملازم امام الدين، عجب گل،حاجي ظفر سھندڙو سميت 10 ڄڻن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. عبدالنبي تيغاڻي چيو ته ڏوھاري ھر برادري ۾ ھوندو آھي، سردار ڏوھاري ناھي جو ھن کي کنڀيو ويو. هن چيو ته سياسي مخالفن کي خوش ڪرڻ لاء سردار خلاف ڪاروائي ڪئي وئي، پوليس اھلڪارن جي شھادت تي ڏک آھي، ڏوھارين خلاف ڪاروائي ٿيڻ گھرجي.