سمنڊ ۾ ڦاٿل 20 مهاڻن کي بچايو ويو

0
291

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي سمنڊ ۾ ڦاٿل 20 مهاڻن جون حياتيون بچائي ورتيون. ميري ٽائيم اهلڪار گشت تي هئا ته کين ايمرجنسي ڪال وصول ٿي ته الاحمد نالي مهاڻن جي ٻيڙي وچ سمنڊ ۾ مشينري خراب ٿيڻ سبب ڦاٿل آهي، جنهن تي ميري ٽائيم جي اهلڪارن فوري طور پهچي مهاڻن کي ڪراچي بندرگاهه پهچايو.