سانگهڙ (رپورٽر) سوپارين سان ڀريل ٽرڪ چونڊڪو کان سانگهڙ اچي رھي ھئي ته رستي ۾ بيٺل شھرين شڪ جي بنياد تي ٽرڪ کي بيھاري ڊرائيور کان معلوم ڪيو ته ڊرائيور مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو، شھرين پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس پهچي ٽرڪ جي تلاشي ورتي ته ٽرڪ ۾ نشي آور سوپارين جا 20 ڪٽا، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سوپارين جا 600 ڪٽا ظاھر ٿيا، پوليس سامان تحويل ۾ وٺي ڊرائيور ۽ ھيلپر عبدالخالق ۽ نذير احمد کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته شھرين غفار نظاماڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته اھڙيون چار ٽرڪون ٻيون به ھيون، جيڪي پوليس جي سست روي جي ڪري فرار ٿي ويون.