سانا ۽ سنڌ

0
946
سانا ۽ سنڌ

 آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي سماجي فورم سانا جو 39هون ساليانو ڪنوينشن کوڙ ساريون يادون، تجويزون، سوال ڇڏي پڄاڻي تي پهتو آهي. ڪنوينشن بعد سماجي ويب سائيٽن تي ڪافي تبصرا ۽ تجزيا نظر مان گذريا، ڪن تعريف ڪئي، ڪن تنقيد ڪئي، آئون سمجهان ٿو اها ئي سانا جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي، جو ان جي هر عمل تي سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ اهميت ڏئي ان تي تبصرا ۽ تجزيا ڪيا ٿا وڃن. آئون هڪڙو سياسي ڪارڪن رهيو آهيان. سائين جي ايم سيد جو پيروڪار ۽ شهيد بشير خان قريشي جو ساٿي رهيو آهيان، جساف جهڙي شاگرد تنظيم جو مرڪزي صدر به رهيو آهيان. مون سنڌ جا ڏک سور، تڪليفون اکين سان ڏٺيون آهن. گڏو گڏ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جا سور، محنتون، روزگار جي تلاش سميت جيڪي مسئلا آهن، انهن مان نه رڳو آئون پاڻ به گذريو آهيان پر پنهنجي سوين دوستن کي آمريڪا ۾ زندگي گذارڻ جي پلصراط تان گذرندي به ڏٺو آهي. ان ڪري آئون سنڌ ۽ سانا کي ڌار نه ٿو سمجهان، يقينن سانا ڪا  سياسي پارٽي ناهي، جنهن مان ڪي وڏيون سياسي اميدون رکي سگهجن، نه سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين کي به رکڻ گهرجن. سانا آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جو هڪ سماجي فورم آهي. سنڌي رڳو آمريڪا ۾ نه، پر دنيا جي کوڙ ملڪن ۾ رهن ٿا، اهي اتي پنھنجون سماجي سرگرميون ڪندا رهندا آهن. سانا به پنهنجي سماجي ڪم سان گڏ وت ۽ وس آهر سنڌ ۽ سنڌين لا ڪم ڪندي رهي ٿي. هي ڪنوينشن به ان ڪري يادگار هو جو هڪ طرف قيصر بنگالي جهڙو ماڻهو، جنهن کي سنڌ سرڪار هميشه معاشي ماهر چئي اين ايف سي سميت سمورن فورمن تي گڏ کڻندي رهي آهي، اهو چئي رهيو هو ته سنڌ جي ترقي نه حڪمرانن جي ايجنڊا آهي، نه وري سنڌ جي بيوروڪريسي جي، انهن کي ته پي سي ون به ٺاهڻ ناهي ايندي، ته ٻئي طرف سنڌ جي پهرين ڪلاسيڪل سنڌي نياڻي  رقاصه، خدابخش ابڙي ۽ عطيه دائود جي ڌيءَ سهائي ابڙو رقص ڪري رهي هئي. هڪ طرف ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر سنڌو درياءَ جي درد ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هو ته ٻئي طرف اياز گل، غفار تبسم، حسن مجتبا، آمنا بنٽر جهڙا ماڻهو شاعري ٻڌائي رهيا هئا. هڪ طرف عطا چانهيو لطيف پئي ٻڌايو ته ٻئي طرف سنڌ ڇڏي انڊيا ۾ ڀٽڪندڙ سنڌ جا روح راڳي جيتن اداسي ۽ ڪاجل رامچنداڻي سنڌ جا گيت ڳائي رهيا هئا، هڪ طرف سنڌي پنهنجي دردن تي ڳالهائي رهيا هئا ته ٻئي طرف آمريڪا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين جا ٻار هڪ ٻئي سان ملي گڏجي پنهنجا سماجي تعلق جوڙي رهيا هئا. جتي سنڌ ۾ برسات سبب تباه ٿيل مسڪينن جي گهرن جي اڏاوت جو ذڪر ٿي رهيو هو ته ٻئي طرف سنڌ جي نوجوان کي آمريڪا ۾ روزگار ۽ تعليم جا موقعا پيدا ڪرڻ لا تجويزون ڏنيون پئي ويون، سنڌ ۾ مسنگ پرسنس اهم مسئلو آهي. سانا ۾ فرحان سومري ان تي تفصيلي ڳالهايو. شوڪت زرداری جو فلم ڊاڪيومينٽري تي سيشن ٿيو.

سانا ۾ هن ڀيري ته سنڌ جي سڀني وڏن ميڊيا جي ادارن جا اهم ماڻهو دودو چانڊيو، مصطفا جروار، مهيش ڪمار، ضياءُ قريشي، ڪراچي آرٽ ڪائونسل جو احمد شاھ، وائيس آف آمريڪا جو اويس توحيد، نازش بروهي ۽ ٻيا کوڙ ماڻهو پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري شريڪ ٿيڻ آيا. آئون سمجهان ٿو ته ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽي هڪ ڀيرو ٻيهر سانا کي هڪ اهڙي رستي تي آندو آهي، جنهن  رستي ۾ مون کي سنڌ جي مٽي جي خوشبوءِ ٿي اچي. آئون آمريڪا سميت سڄي سنڌ مان سانا تي ٿيل تنقيد جي آجيان ڪندي هڪ عرض ڪندس ته سانا کي ڪنهن هڪ اڌ فرد جي انا يا عمل سان نه ڀيٽيو وڃي، سانا کي مجموعي طور ڏٺو ۽ پرکيو وڃي. سانا ڪا پ پ پ، نواز ليگ، پي ٽي آئي يا جي ڊي اي ناهي، جنهن سنڌي ماڻهن کان  ووٽ وٺي وعدا ڪيا ۽ اهي پورا نه ڪيا، يا سانا ڪو سرڪاري فنڊن تي ٿو هلي. سانا آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي ھڪڙي سماجي تنظيم آهي، ان ۾ سڀ سکيا ماڻهو ناهن، انهن ۾ اڪثريت اهڙن سنڌين جي آهي، جيڪي پورهيت آهن، جيڪي سال ۾ هڪ ڀيرو هن ڪانفرنس ۾ شرڪت لا به روپيو روپيو گڏ ڪندا آهن. سانا ڪانفرنس ۾ سنڌي ايترو پنڌ ڪري ايندا آهن، جيترو پنڌ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ڪنهن ڪانفرنس ۾ ڪو ماڻهو چين، سعودي عرب، بنگلاديش، نيپال يا ڪوريا کان ڪري اچي. ڪن سنڌين جو پنڌ ان کان به گهڻو آهي.

سانا سنڌ کان ٻاهر سنڌين جو واحد ادارو آهي، جيڪو پاڻ کي سنڌ ۽ سنڌين آڏو جوابده سمجهي ٿو. آئون سمجهان ٿو ته سانا جي قيادت کي پاڻ مٿان ٿيل تنقيد ۽ آيل تجويزن کي دل سان قبول ڪرڻ گهرجي، ماضي ۾ سانا سنڌ جي قومپرستن ۽ سنڌ دوست ماڻهن کي هتي سڏائيندي هئي، ان ڪري شرڪت به وڏي ٿيندي هئي، سنڌ ۾ به ان کي مڃتا ملندي هئي. هن ڀيري سانا ڪانفرنس ۾ ذوالفقار جونيئر جي ڪري به ماڻهو وڌيڪ آيا. اسان ڀلي ڇا به چئون پر اها حقيقت آهي ته سنڌ ۾ وڏيرا شاهي، ڪرپٽ ڪامورا شاهي، عورتن ۽ اقليتن تي تشدد، مذهبي جنونيت ۽ رياستي ڏاڍ خلاف اگر ڪي بند ٻڌي بيٺا آهن ته اهي سنڌ جا قوم پرست ئي آھن. سائين جي ايم سيد کان وٺي حيدر بخش جتوئي تائين، رسول بخش پليجي کان وٺي ڄام ساقي، فاضل راهو، عبدالواحد آريسر تائين، ويندي بشير خان قريشي تائين، هي ئي ماڻهو هئا، جيڪي سنڌ ۽ سنڌيت جي بقا جي جنگ وڙهيا، يا انهن جو پوئلڳ ئي سنڌ ۾ ٿورو گهڻو مزاحمتي آواز آهن، انهن کي اسان آمريڪا ۾ رهي ياد نه ڪنداسين ته ٻيو ڪير ڪندو! پاڪستان ۾ ته ماڻهو عذاب ۾ آهن، سنڌ جو مفاد پرست اپر ڪلاس اسان جي ڪهڙي ڪم جو؟ اهو پ پ پ ۾ هجي يا ٻئي ڪنهن جماعت ۾، اهو جتي سنڌ ۾ سنڌي مسڪين جي ڪم نه آيو ته اهو هتي آمريڪا ۾ اسان جي ڪهڙي ڪم ايندو! ان ڪري سانا سنڌ جي اپر ڪلاس جي وڏيرن کي اهميت ڏيڻ بدران پنهنجي سنڌ پرست سياسي ڪارڪنن جو ساٿ ڏئي، اڀرا سڀرا وري به سنڌ لاءِ سوچين ۽ لوچين ٿا. ٻيو اسان کي آمريڪا ۾ سنڌين جي روزگار ۽ سنڌي ٻارن جي تعليم ۽ اسڪالر شپ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، اسان هر سال آمريڪا ۾ سئو سنڌي ماڻهو  روزگار سان ۽ سئو ٻار ڪٿي نه ڪٿي داخلا ڪرائي وياسين ته ڏهن سالن بعد سنڌ جو نقشو ئي تبڊيل ٿي ويندو. سنڌ اها نه هوندي جيڪا هن وقت آهي، ان جو چٽو مثال آمريڪا ۾ رهندڙ اسان سنڌي آهيون، جيڪي سنڌ ۾ هئاسين ته عتاب ۾ هئاسين، هاڻي سنڌ ۽ سنڌين لا بي خوف ٿي ڳالهايون ٿا. آئون آخر ۾ سانا جي ٽيم کي هي ڪامياب پروگرام ڪرڻ تي مبارڪون ٿو ڏيان، اميد ٿو ڪريان ته سانا هر سال هڪ نه پر سوين قدم اڳيان هوندي.