ڳالهيون ڳنوارن جون … انڊس ڊيلٽا جو مينگروو ايڪو سسٽم

0
195
ڳالهيون ڳنوارن جون ... انڊس ڊيلٽا جو مينگروو ايڪو سسٽم

 انڊس ڊيلٽا جو مينگروو ايڪو سسٽم نهايت ئي وسيع، پيچيده ۽ گهڻ پاسائون ماحولياتي نظام آهي. ڊيلٽا جي جاگرافي، آبهوا، سامونڊي نارون، ڍورا، ڍوريون، ڪيٽيون، گپ وارا ميدان، ڌٻڻيون، کارو پاڻي، مٺو پاڻي ۽ ان جا ذريعا، نديون، نئيون، برسات، وڻ ٽڻ ٻوٽا گاهه، جهنگلي ۽ آبي جيوت، ڊيلٽا تي رهندڙ وسندڙ ڪميونٽيز، انهن جي گذران جا ذريعا، انهن جا معاشي ۽ معاشرتي حالات، مڏ مڏيون، تڙ بندر، سڀ جا سڀ مينگروو ايڪو سسٽم جي دائري ۾ اچن ٿا. مينگروو ايڪو سسٽم وڻن ٻوٽن، انسانن ۽ جانورن لاءِ توانائي، مربوط جسماني نظام، کاڌي پيتي رهائش، افزائش (Breeding) جو اهم ذريعو آهي.

                 دنيا جي 112 ملڪن ۾ 1134 ننڍن وڏن ڊيلٽائن تي هڪ ڪروڙ ٻاونجاهه لک هڪيٽرز ايراضي تي مينگروو جا وڻ موجود آهن. دنيا جي ڪروڙين ماڻهن ۽ ڪروڙن جي تعداد ۾ آبي ۽ جهنگلي جيوت ۽ وڻڪار جو سڄو دارومدار مينگروو ايڪو سسٽم تي آهي.

                 سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ڪنڌين سان مينگروو جا ٻيلا ته اڳئي موجود هئا پر پاڪستان جي حڪومت 1954ع ۾ اک پٽي ۽ مينگروو جي وڻ کي يڪتا ماحولياتي سرشتي طور تسليم ڪيو. 1958ع ۾ ان کي باقاعدي ٻيلي کاتي ۾ آندو ويو. 600,000 هيڪٽرز جي ايراضي تي پکڙيل انڊس ڊيلٽا تي، سيٽلائٽ جي هڪ خيالي تصوير (Imagery) مطابق 260,000 هيڪٽرز تي مينگروو موجود آهن. IUCN 1999ع ۾ ٻيلي کاتي جي هڪ عملدار (Qureshi 1985) جي حوالي سان ظاهر ڪيو ته 1958ع ۾ مينگروو ٻيلن جي ڪل ايراضي 617,470 هيڪٽرز هئي. حڪومت سنڌ ان جي ورهاست ڪري 344,870 هيڪٽرز ايراضي ٻيلي کاتي کي ڏني ۽ ان کي محفوظ ٻيلا قرار ڏنو. 272,600 هيڪٽرز بورڊ آف روينيو جي ڪنٽرول ۾ رهي. 1973ع ۾ ٻيلي کاتي 64,400 هيڪٽرز پورٽ قاسم اٿارٽي کي ڏيئي ڇڏي. باقي 280,400 هيڪٽرز ايراضي ٻيلي کاتي وٽ رهي. سپارڪو (SUPARCO) جي جاري ڪيل سيٽلائٽ جي هڪ خيالي تصوير مطابق 36,310 هيڪٽرز تي مينگروو جا گهاٽا جهنگ آهن. اٽڪل 54,410 هيڪٽرز تي وچٿري گهاٽي وڻڪار آهي. 493,90 هيڪٽرز تي ڇٽي پاٽي وڻڪار آهي. 111,430 هيڪٽرز تي کاريون (Creeks) آهن ۽ اٽڪل 365,930 هيڪٽرز تي گپ وارا ميدان ۽ واريءَ جون ڀِٽون آهن. مسٽر ڪي ايم صديقي ڪنسلٽنٽ فاريسٽري اينڊ اينوائيرمينٽ جي هڪ پيپر مطابق ويهين صديءَ جي آخر ۾ 160,000 کان 205,000 هيڪٽرز تي مينگروو وڃي بچيا هئا. ان کان علاوه بلوچستان ۾ 800 ڪلوميٽر ڊگهي ڪوسٽ تي گوادر بي تي 26,316 هيڪٽرز، ڪلمت کور 10,216هيڪٽرز ۽ مياڻي هور تي 7,471 هيڪٽرز تي مينگروو موجود آهن. (سيد اين خورشيد ڪنزرويشن ۽ ڊائريڪٽر ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان).

انڊس ڊيلٽا ۾ ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيتري ايراضي تي مينگروو موجود آهن، صحيح ۽ حقيقي انگ اکر (Data) گڏ ڪرڻ لاءِ مڪمل سروي جي ضرورت آهي. اهو ڪم تمام اڻانگو، مهانگو ۽ مشڪل آهي. سامونڊي ڪريڪس، ڍوريون، گپ، ڌٻڻيون، گهاٽا جهنگ، نه ٻيڙي هلي سگهي، نه ماڻهو پنڌ ڪري سگهي. بهرحال جنهن جيڪو ڪجهه چيو، ان تي ئي اڪتفا ڪرڻي پوندي.

آڪٽوبر 1922ع ۾ انڊين باٽنيڪل سوسائٽيءَ جي مسٽر ميڪان (Mecann) ۽ فادر بليٽر (Father Blatter) انڊس ڊيلٽا جي ڪجهه علائقن جو سروي ڪيو. سرءُ جا ڏينهن هئا. ڊيلٽا ۾ مڇرن جي باهه. پوءِ به هنن پيرو پيادي، اٺن تي ۽ ٻيڙي ذريعي پنهنجو سفر جاري رکيو. هنن سنڌ جي وڻڪار جا مقامي نالا نوٽ ڪيا. انهن کي سائينٽيفڪ نالا ڏنا. ان جا فوٽيج ورتا. گهارو، ساڪرو، ٺٽو، ڪلانڪوٽ (مڪلي جي ٽڪري)، غلام الله، ٻهارو، ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ۽ ڪن ٻين علائقن جو خشڪي جو سفر ڪيو. ٻيڙي تي چڙهي حجامڙو، ڇاڻ ۽ ٻين کارين جو معائنو ڪيو. هنن مينگروو جون اٺ جنسون دريافت ڪيون. ٻي وڻڪار جو ذڪر هن مضمون جي دائري کان ٻاهر آهي. هتي فقط مينگروو جو ذڪر ڪرڻو آهي. انهن اٺن Species جا نالا هي آهن:

رزفورا مرڪنٽالم Rhizophora mucronata lam  (Rhizfor Family)

رزفورا ڪنجگٽا Rhizophora Conjgata  (Rhizfor Family)

سروپس ڪنڊولينا Ceriops  Candolleana   (Rhizfor Family)

سروپس روز برگهيانا Ceriops Rozburghiana   (Rizfor Family)

برجورا جمنوهذا Burguiera Gymnohiza  (Rizfor Family)

سونيريٽيا ايسيڊا Sonneratia Acida  (Lythrac Family)

ايجيسيرس ميجس جيرن Aegiceras Majus Gaerin (Myrsinac Family)

ايويسينيا آفيسنلس Avicennia Officinalis  (Verbenac Family).

  (The Flora of the Indus Delta P105)

سفر دوران هنن کي مليريا بخار اچي ورايو. هو لکن ٿا ته نامساعد حالات ۾ هو سفر جاري رکي نه سگهيا. سموري ڊيلٽا جي سروي سان ممڪن هو ته مينگروو جون ڪي ٻيون جنسون به لڀي پون ها. ان ڳالهه کي اڄ سئو سال پورا ٿيا آهن. ان عرصي دوران مينگروو جون قيمتي اسپيشيز ختم ٿي ويون. هاڻ ڊيلٽا تي هي چار جنسون موجود آهن: ايويسينيا ميرينا Avicennia Merina، سيريوپس ٽيگال Ceriops Tagal، برجوراڪنجگٽا Borguiara Conjugata، ايجيسيرس ڪورنيڪلاٽم Aegiceras Corniculatum، انهن ۾ به ايويسينيا ميرينا سادي جنس 99 سيڪڙو آهي. باقي هڪ سيڪڙو ٻيون ٽي جنسون آهن، جڏهن ته دنيا ۾ مينگروو جون 80 جنسون موجود آهن. رڳو اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان ۾، جتي اسان کان اٺوڻ تي غربت گهڻي آهي پر هنن وٽ اڃان تائين مينگروو جون 39 اسپيشيز ۽ مينگروو جهڙيون Associated Species 89 جالينديون اچن. توڙي جو هنن مينگروو جي اهميت 2004ع واري سائوٿ ايشيا ۾ آيل طوفان کان پوءِ محسوس ڪئي ته جي اهي ٻيلا هجن ها ته طوفان کي روڪين ها ۽ 79000 ماڻهن جي جانين جو نقصان نه ٿئي ها.

مينگروو جا فائدا

مينگروو جا گهڻا ئي فائدا آهن مثال طور: (1) سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهن جي رزق روٽي جو ذريعو مينگروو جا ٻيلا آهن. هتي اسان وٽ لڳ ڀڳ 135000 ماڻهن جو گذران مينگروو ايڪو سسٽم تي آهي. (2) مينگروو جي پاڙن جو اهڙو ته ڄار وڇايل هوندو آهي، جو اهي سامونڊي ويرن جي ڪري زمين کي کاڌ کان بچاءُ جو قدرتي ذريعو آهن. مينگروو مون سون جي تيز هوائن، ڇولين ۽ طوفانن کان بچائين ٿا. (3) مينگروو جي پاڙن ۾ کيکڙا، سانا، گلا ۽ ٻي سوين قسمن جي قيمتي مڇي آنا لاهي پنهنجي افزائش ڪندي آهي. پاڙون انهن کي سامونڊي ويرن جي ٿپڙن کان بچائينديون آهن. اهي انهن لاءِ نرسري جو ڪم ڏينديون آهن. اها قيمتي مڇي ماري ايڪسپورٽ ڪري غير ملڪي ناڻو ڪمايو ويندو آهي. (4) مينگروو وڻ جون ڪاٺيون ٻارڻ لاءِ ۽ گهرن جي اڏاوت لاءِ ڪتب آنديون وينديون آهن. IUCN جي رپورٽ مطابق 18000 ٽن مينگروو جو ڪاٺ سال ۾ ٻارڻ ٿيو وڃي. 67 ملين K.G مال جي چاري Fodder طور ڪم آڻيندا آهن. (IUCN-1992) (5) مينگروو جا وڻ جهنگلي جيوت جي ٽي سئو جنسن ۽ وڻن ۽ ٻوٽن جي پناهه گاهه آهن. (6) مينگروو جا وڻ ڪاربان جو وڏو حصو ڇڪي ماحول کي گدلاڻ کان بچائين ٿا. (7) سج ۽ چنڊ جي ڪشش تي آيل سامونڊي جوار جي زور کي مينگروو جا وڻ ٽوڙين ٿا. (8) مينگروو اقتصادي ۽ ماحولياتي طور وڏي اهميت جا حامل آهن. (9) مينگروو جا وڻ ماکي جي وڏي پيداوار ڏين ٿا. وغيره وغيره.

مينگروو جي گهٽجڻ (Decline) جا سبب

گذريل 50 سالن ۾ دنيا ۾ 40 سيڪڙو مينگروو علائقا ختم ٿي چڪا آهن، جنهن جو سبب ٻارڻ ۽ مال جي چاري طور استعمال، ۽ گهرن جي اڏاوت لاءِ هن وڻ جو تيزي سان وڍجڻ آهي. هن وڻ کي ختم ڪري زمينون ايگريڪلچر لاءِ استعمال ٿي رهيون آهن. هن جي زوال جو وڏو سبب مٺي پاڻي جي کوٽ ۽ ڊيلٽائن جي جوڳي حفاظت نه هئڻ آهي. انڊس ڊيلٽا ۾ مٿي ذڪر ڪيل سببن کان علاوه ٻيلي کاتي ۽ اين جي اوز مينگروو جي گهٽجڻ جو وڏو سبب ان وڻ کي اٺن جو چرڻ (Camel Browzing) ۽ ٻئي مال لاءِ چاري جو استعمال ٻڌايو ٿو وڃي. اها ڳالهه 13 مئي 1982ع تي ڪيٽي بندر ۾ ڪوٺايل سگهڙن جي ڪچهري ۾ به نڪتي هئي. ان ڪچهري ۾ وڏي تعداد ۾ڪيٽي بندر جي پيرن اگهاڙن مسڪين ماڻهن، فقيراڻي جتن، دبلن ۽ مهاڻن جي ٻين جاتين جي ماڻهن شرڪت ڪئي هئي. اتي جت ڪميونٽي جي هڪ سريال مرحوم محمد صديق فقيراڻي جت، اهو ٻڌايو هو ته، “ڪنهن دور ۾ انڊس ڊيلٽا ۾ اٺن جو تعداد 16000 کان به مٿي هو، هاڻ گهٽجي مس وڃي ڪي چار کان پنج هزار بچيا آهن. سو اهو الزام ته تمر جا وڻ جتن اٺن کي چاري ناس ڪري ڇڏيا، غلط آهي هن جو چوڻ هو ته درياهه ۾ مٺي پاڻي جو نه اچڻ ۽ ٻيلي کاتي طرفان ٻيلن جي جوڳي حفاظت نه ڪرڻ سبب تمر جا ٻيلا تباهه ٿي رهيا هئا. اڳي برساتون گهڻيون پونديون هيون، جبلن تان نئيون ۽ ڍورا ڀرجي مٺو پاڻي کڻي اچي سمنڊ کي ڏيندا هئا، هاڻ برساتن جي گهٽجي وڃڻ جي ڪري مٺي پاڻي جو اهو ذريعو به گهٽ ٿي ويو آهي. تمر معصوم ۽ قيمتي وڻ آهي. ان تي ئي اسان جتن ۽ ٻين سامونڊي لوڪن جو جياپو آهي. ان کي ڀلا اسين ڪيئن برباد ٿيڻ ڏينداسين. باقي تمر جا ڇڻيل ۽ سڪل پن چاري طور استعمال ڪرڻ ۾ ڪو هرج ڪونهي.”

هن جي ان ڳالهه ۾ وزن هو. اوهين ڪيٽي بندر ته ضرور ويا هوندا. سامونڊي پاڻي ۾ ڀاٽا اچڻ کان پوءِ مينگروو جون سڪل پاڙون ائين گپ ۾ ڦاٿل نظر اينديون آهن، جيئن اسان وٽ درياهه جي پاڻي لهي وڃڻ کان پوءِ لڙهي آيل وڻ ۽ ٻوٽا، واري جي ٻيٽن تي کنجهو ٿيل نظر ايندا آهن.

اوهان کي اها ته خبر آهي ته مينگروو ندين جي ڇوڙ وٽ مٺي ۽ کاري پاڻي جي ميلاپ سان گپ ۽ چڪڻ واري زمين تي ٿيندو آهي. مٽي ۾ آڪسيجن ڪانه هوندي آهي. جوار اچڻ تي ننڍا ٻوٽا ۽ سيڊلنگ ٻڏي ويندي آهي. جڏهن ڀاٽا ايندي آهي ۽ پاڻي لهي ويندو آهي ته اهي ٻوٽا ساهه کڻندا ۽ سج جي روشني ۾ توانائي حاصل ڪندا آهن. مينگروو جي پاڙن ۾ لوڻ جذب ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي، پاڙون ڇاڻي جو ڪم ڏيئي لوڻ الڳ ڪنديون آهن. مينگروو جي اعلى اسپيشيز ۾ ٻچا مٿي وڻ تي ئي موري پوندا آهن. وڻ مان ڇڻندي ئي گپ ۾ کپي ويندا آهن ۽ پاڙ هڻندا آهن. جيڪڏهن ڪو ٻچو پاڻي ۾ لڙهي ويو ته به جتي جاءِ مليس، مٽي ۾ پاڙ هڻي وٺندو آهي. اهڙي طرح مينگروو ۾ واڌ ايندي رهندي آهي. هاڻ دنيا ۾ هٿرادو چڪيون هڻي مينگروو کي وڌايو پيو وڃي. هتي انڊس ڊيلٽا تي ورلڊ بينڪ ۽ ايشين ڊولپمينٽ جي سهڪار سان ٻيلي کاتي ڪجهه ڪم ڪيو آهي. ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان ۽ آئي يو سي اين پاڪستان اين جي اوز وارن کي به ڪوسٽل ايريا ۾ زمين ڏني وئي آهي ته جيئن مينگروو پوکي ان کي ختم ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سچ پچ انٽرنيشنل ڪميونٽي، ورلڊ بينڪ، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ، يونيسيف ۽ ٻيا ادارا ۽ اين جي اوز هن معصوم وڻ کي بچائڻ لاءِ سرگردان آهن. ان سلسلي ۾ اسان کي به پنهنجو فرض نڀائي مينگروو ايڪو سسٽم کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ گهرجي.