سنڌ ۾ ميرٽ جو قتلِ عام

0
196
سنڌ ۾ ميرٽ جو قتلِ عام

  دنيا ۾ تعليمي بورڊ قائم ڪرڻ جو بنيادي مقصد صرف امتحان وٺڻ ڪونهي، پر امتحان ۽ مارڪون اهليت جي ڏسڻ سان گڏ ٻار جي نفسياتي نشونما کي پڻ پرکيو ويندو آهي. ان سان گڏوگڏ ٻار جي سماجي ۽ روحاني تربيت پڻ ان ۾ شامل هجي ٿي، پر افسوس سان لکڻو پئي ٿو ته لاڙڪاڻي بورڊ جو چيئرمين سرعام ميڊيا تي ويهي چيلينج ڪري چئي ٿو ته لاڙڪاڻي بورڊ 1500 ٻار اي ون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، پر بقول چيئرمين جي ته هڪ به ٻار بنا پئسي اي ون گريڊ حاصل نه ڪيو آهي. ان کان وڌيڪ بي وسي، ويڳاڻپ ۽ ميرٽ دشمني ڪهڙي چئجي..!! اهڙا ڪلور ظاهر ٿيڻ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ماضي قريب ۾ حڪم جاري ڪيو ته سنڌ جي سڀني تعليمي بورڊن ۾ مستقل بنيادن تي حساس پوسٽون بشمول چيئرمين، ڪنٽرولر، ڊپٽي ڪنٽرولر، سيڪريٽري ۽ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيا وڃن ۽ جيڪي ڊيپوٽيڊ آفيسر آهن، تن کي فوري طور هٽايو وڃي.

                 انهن جي جڳهه قابل ۽ معياري اميدوار ڀرتي ڪيا وڃن. ڪورٽ جي اهڙي حڪم تي لاڳاپيل کاتي يعني نوابشاهه بورڊ اشتهار جاري ڪيو. پي ٽي ايس کي سڄو ڪم يعني مذڪوره حساس پوسٽن جو امتحان ڪنڊڪٽ ڪرائڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو. بهرحال نتيجا پي ٽي ايس ويب سائيٽ تي جاري ڪيا، پر افسوس اهو آهي ته اهي نتيجا صرف 24 ڪلاڪ تائين ويب سائيٽ تي موجود رهيا. پوءِ Manipulation تحت لسٽون ٺھيون، جنهن ۾ پاس ٿيل اميدوار فيل ۽ فيل ٿيل اميدوارن کي پاس قرار ڏنو ويو. نجي چينل اهڙي خبر بريڪ ڪئي، جنهن ۾ نوابشاهه بورڊ هڪ امتحان ڏيندڙ اوڻيهه مارڪون کنيون، پر مينوپيوليٽيڊ لسٽ ۾ هن کي 61 مارڪون ڏئي پاس ڪيو ويو. نوابشاهه بورڊ ۾ موجوده ڪنٽرولر فيل ٿيل اميدوار آهي، جنهن کي بعد ۾ پاس قرار ڏنو ويو. ٽيون اميدوار پڻ نجي ٽي وي نيوز چينل موجب، نوابشاهه بورڊ چيئرمين جي ڀيڻ کي ڊپٽي سيڪريٽري لاءِ فيل ھئڻ باوجود پاس قرار ڏنو ويو. ياد رهي ته اهڙا نتيجا ايندا ته ڪهڙي قوم ترقي ڪندي..!! اهڙي عمل جي منصفاڻي جاچ ٿيڻ گهرجي، ڇو ته اها نه صرف انتظامي بدديانتي آهي پر اها تاريخي حوالي سان پڻ پاس ۽ اهل اميدوارن سان ويساهه گهاتي ئي آهي. ان کان اول ڪرپشن ۾ ملوث ڪامورن سنڌ جي ميرٽ تي آيل نوجوانن سان وڏيون جٺيون ڪيون آهن، جنهن ڪري نوجوان خودڪشيون ڪري رهيا آهن.

آخر انهن جو حساب ڪير ڏيندو! ياد رهي ته سنڌ ۾ مجموعي طور تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگي ايتري بهتر ناهي جو ڪٿي به ڳڻائي سگهجي. نوابشاه تعليمي بورڊ سياسي ونگار وھندي ميٽرڪ جي هڪ Absentee شاگرد کي فلائنگ ڪلرس ۾ پاس ڪرائڻ جهڙو ڪارنامو ڪيو آهي، جنهن جي رپورٽ هڪ وڏي اشاعت واري انگريزي اخبار ڇپجي چڪي آهي. ڳالهه اها آهي ته بدديانتي جو خاتمو اچڻ گهرجي. نوابشاهه سميت پوري سنڌ جي سول سوسائٽي نوابشاهه جي چيئرمين خلاف ۽ پي ٽي ايس خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي. بيوروڪريسي ۾ ظرف ۽ ضمير جي ڪمي نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ ميرٽ جو قتل جاري آهي. سنڌ جي قابليت ڪرپشن سبب آخري پساهن ۾ آهي. تازو نوابشاهه بورڊ چيئرمين انٽرويو پراسيس لاءِ پاس اميدوارن کان ڊاڪيومينٽيشن پراسيس ڪرائي.

سنڌ جي يونيورسٽين ۽ بورڊن جي سيڪريٽري کي انٽرويو ڪمپني جوڙڻ لاءِ خط لکيا، پر ان کان پهريان سنڌ جي سول سوسائٽي لڳاتار لاڳاپيل اداري کي شڪايتون اماڻيون. نتيجي ۾ بورڊن ۽ يونيورسٽين جي سيڪريٽري سنڌ، چيئرمين جي اهڙي غير قانوني پراسيس کي خط لکي روڪرائي ڇڏيو آهي. ان بنيادن ته اقربا پروري ۽ پنهنجا نواز پاليسين سبب انٽرويو ڪرڻ کان بورڊ چيئرمين کي روڪيو ويو آهي، جيڪو عمل ڪنهن قدر ساراه جوڳو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ذڪر ڪيل امتحان لاءِ هڪ غير جانبدار انٽرويو ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا اهل اميدوار يا ميرٽ تي آيل اميدوار ڀرتي ڪري ته جيئن اهي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگهن.