سالن کان هڪ هنڌ مقرر ڪامورا ۽ نظرانداز ٿيل پاليسيون..!!

0
210
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

شاهد ميراڻي ڪراچي مان لکي ٿو

سنڌ حڪومت ۾ چيف سيڪريٽري سميت کاتن جي سيڪريٽرين جا حڪم ته نظرانداز ٿيندا رهن ٿا پر هاڻي ته وڏي وزير جي جوڙيل خاص پاليسين کي به پُٺي ڏني پئي وڃي. سنڌ سيڪريٽريٽ م هونئن ڏٺو ويندو هو ته بيوروڪريسي عام ماڻهن سميت ماتحت کاتن جي عملدارن لاءِ آزار بڻيل هئي، سيڪريٽريٽ ۾ عام ماڻهن جا فائيل ڪيئي سالن کان دٻيل رهندا هئا، پينشن جي ڪيسن سميت ملازمن جي رٽائرمينٽ ۽ ٻيا ڪيترائي اهم فائيل مبينا طور رشوت نه ملڻ سبب لاڳاپيل ڪامورن پاران يا ٽيبل جي هيٺيان رکيا ويندا هئا يا وري ٻورن ۾ بند ڪري سيڪريٽريٽ جي بيرڪن توڙي ڏاڪڻين ۾ رکي سائلين کي اهو پيغام ڏنو ويندو هو ته اسان وس وارا آهيون ۽ ڪير به اسان کان پڇاڻو نه ٿو ڪري سگھي! ڏسندي ئي ڏسندي ڪامورا شاهي ايترو ته مضبوط ٿي وئي جو هاڻي چيف سيڪريٽري ته ڇا پر سنڌ جي وڏي وزير جا حڪم به نظرانداز ٿيڻ لڳا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه پاران ڪجھه مهينا اڳ اها پاليسي ٺاهي وئي ته ڪنهن به کاتي ۾ ڪامورا وڌ ۾ وڌ ساڳي عهدي تي ٽن سالن تائين رهي سگھن ٿا، جيڪڏهن انهن جي مقرري واري مُدي ۾ لاڳيتو 3 سال جو عرصو مڪمل ٿي وڃي ته کين بِنا دير ٻئي کاتي ۾ بدلي ڪيو وڃي. وڏي وزير پاران جوڙيل پاليسي تحت چيف سيڪريٽري پاران سمورن کاتن جي اختيارين کي اهي هدايتون به جاري ڪيون ويون هيون ته جن ڪامورن جي مقرري کي 3 سال مڪمل ٿيڻ وارا هجن ته انهن کي ٻئي هنڌ بدلي ڪيو وڃي. اهڙي طرح سِڌي ريت چيف سيڪريٽري جي ماتحت هلندڙ سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي کي به اهي هدايتون ڪيون ويون هيون ته سروسز کاتي جي ايڪس پي سي ايس ۽ پي ايس پي ايس توڙي پي ايم ايس گروپن جا ڪامورا جيڪي مختلف کاتن ۾ سيڪشن آفيسر، ڊپٽي سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري، اسپيشل سيڪريٽري يا سيڪريٽري توڙي ڊائريڪٽر ۽ ايم ڊي سوڌو ٻين عهدن تي کاتن يا اٿارٽين ۾ مقرر ٿيل آهن انهن جي مقرري وارو مُدو 3 سال هجڻ واري پاليسي تي عمل ڪرايو وڃي، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ عملدرآمد کاتو اهڙو کاتو آهي جنهن کاتي جي اختيارين کي وڏي وزير جي اهڙي پاليسي تي عمل ڪرائڻو آهي پر ان کاتي ۾ به ڪيئي سيڪشن آفيسر اهڙا آهن جن جي مقرري کي 5کان 10 سالن تائين جو مدو گذري ويو آهي پر کين ٻين کاتن ته ڇا پر ٻئي سيڪشن ۾ به بدلي ناهي ڪيو ويو! سروسز کاتي ۾ سيڪشن آفيسر فواد جوڻيجو، الطاف حسين، اويس مغل، غلام مصطفيٰ لغاري، مصدق ميمڻ، مظفر بهڻ، جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي سيڪريٽري جي پي ايس نديم احمد سميت ڪيترائي اهڙا آفيسر آهن جيڪي ڪيترن ئي سالن کان وٺي کاتي ۾ مقرر ٿيل آهن ۽ ڪجهه ڪامورن کي سالن کان ڊي ڊي او پاور پڻ مليل آهن پر اهڙن ڪامورن کي پاليسي تحت هٽايو به نه پيو وڃي. تازو ئي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه پاران سروسز کاتي جي اختيارين کي خط لکي کين سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته سمورن کاتن جي ڪامورن جا تفصيل اماڻيا وڃن جن جي مقرري کي 3 سالن جو مُدو مڪمل ٿي ويو آهي پر ان باوجود عهدن تي ويٺل آهن. وڏي وزير جي تازي حڪمنامي کان پوءِ سروسز کاتي جي اختيارين پاران سمورن کاتن کي خط لکي کين هدايت ڏني وئي آهي ته تفصيل جمع ڪرايا وڃن. سروسز کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻين کاتن ۾ جيڪي به سيڪشن آفيسر يا ٻين عهدن تي ويٺل ڪامورا مقرر ٿيل آهن انهن کي ٽن سالن کان وڌيڪ رهڻ نه ڏنو ويندو ۽ جيڪي ڪامورا سروسز کاتي ۾ مقرر ٿيل آهن انهن کي هاڻي اڍائي سالن ۾ ئي تبديل ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته سالن کان سروسز کاتي ۾ ويٺل ڪامورن کي ٻين کاتن جو تجربو ئي ناهي. ان ڪري کين پاليسي تحت تبديل ڪيو ويندو.
سروسز کاتي جي اختيارين کي گھرجي ته وڏي وزير جي هدايتن تي عمل ڪندي اهڙن سمورن آفيسرن جون بدليون ڪيون وڃن جيڪي وڏي وقت کان وٺي کاتن ۾ ڌاڪو ڄمايو ويٺل آهن، ڇو ته ڪافي ڀيرا چيف سيڪريٽري وٽ اهڙيون شڪايتون به پهتيون آهن ته ڪامورا سندن جائز ڪمن وارا فائيل به سالن جا سال روڪي ڇڏين ٿا ۽ کين ڪم ڪار لاءِ رلايو وڃي ٿو. هاڻي ٿيڻ ايئن گھرجي ته چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاھه کي پهريان سروسز کاتي کان شروعات ڪري ٻين کاتن ۾ ويٺل ڪامورن کي بِنا دير بدلي ڪيو وڃي.