پهاڙي تي چنڊ ۽ گهايل گيت

0
299
سڪي ويل سر، سيارو ۽ ساروڻيون

ان رات تيز چانڊوڪي هئي، مختلف پهاڙين جي هنج ۾ پڪن ۽ ڪچن گهرن مٿان ڄڻ ته فطرت چاندي جي چادر وڇائي هئي، وڻن جي جهڳٽن ۾ پهاڙي پکي آرامي هئا سامهون رائي ۾ ڪونجن جي ڪرڪڻ جا آواز رات جي فطرتي سناٽي کي رکي رکي ٽوڙي رهيا هئا. پهاڙي جي هنج ۾ ورتل گهرن جي لوڙھن اندر ڳاڙھين ڳئن ۽ رڍن جا ڌڻ اوڳر واري رهيا هئا، پهاڙي جي چوٽي تي ڪوئي ماڻھو تنبورو هٿ ۾ کڻي ڳائي رهيو آھي، جنهن جو آواز ستن پهاڙين سان ٽڪرائجي هڪ دلڪش گونج ٿو پيدا ڪري ، اها گونج تاريخ جي صدا جيان پهاڙن جي سماعتن ۾ جاءِ والارڻ ٿي لڳي.
مان کي پنهنجووطن مٺو
وطن پنهنجو مري ڇڏيان
جيئري ڪيئن وري ڇڏيان
پهاڙي لوڪ گيتن ۾ اونهو درد هوندو آھي، ان جا ڪارڻ ٻين کانسواءِ اهي به ٿي سگهن ٿا ته اتي جي زندگي دکي هجي ٿي، انساني سهولتن کان واجهيل اتي جي زندگي پٿر ڪٽڻ۽ ريتي بجري جي مزدوري تي ئي هوندي آھي، تنهنڪري پهاڙي جي مروج لوڪ گيتن ۾ نه فقط وڇوڙي جا وڍ ورسيل هوندا آھن، ليڪن برسات ۽ ڪڪرن جون ساروڻيون، اڃ ۽ اساٽ جي ويلن جا سفر، شادين ۽ غمين جا غبار ، ٻولي جي دلڪش لهجي جو ميٺاج به لوڪ گيتن ۾ ڇلڪندو آھي.
مورو ڳائيندڙ پهاڙي پوڙھي علڻ پٽڪائي جي آواز ۾ ردم ۽ سوز ، غارن جي اونهائين تائين پهچي پڙاڏو بڻجي ٻيهر سماعتن ۾ گونجيو ٿي، جيئن ئي باک چٽي ٿيڻ لڳي ته پري پري تائين پهاڙين کي گهيري بيٺل وڏيون مشينون نظر ٿي آيون مشينن اڳيان لڳل تنبن ۾ ماڻھو ستل هئا ، جڏھن ته تنبن ٻاهران گارڊ چوڪسي ڪري رهيا هئا.
صبح ٿيو ته ماڪ جي ڪوهيڙي مان مور جي دانهن زوردار احتجاج جيان گونجڻ شروع ٿي ، جيئن ئي مشينون اسٽارٽ ٿيون ته ساري ڏونگر ۾ ھڪ ساهه منجهائيندڙ آواز اچڻ لڳو، وڻن جي جهڳٽن مان پکي ڀڙڪو کائي اڏامڻ لڳا، چوپايو ٽاهه ڪري وٺي ڀڄڻ لڳو، علڻ پٽڪائي جنهن اڌ رات کان پهاڙي جي چوٽي تي ڳائي ڳائي صبح ڪيو هو، ٿڪل جسم۽ غصي واري ڪيفيت ۾ اچي هلندڙ مشينن کي روڪڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ۽ چوڻ لڳي ٿو.
هي اسان جا گهر ، ڳوٺ . مڪان، لڪ ۽ ٿلها ڇو پيا ڊاهيو، ايئن ڪرڻ ن ڏينداسين. جيڪڏھن ايئن ڪيوويو ته هتي نه ڪو گڊ چانڊوڪي ۾ ٽپا ڏيندو ۽ نه ئي باک ڦٽي ٽاڻي تتر تنواريندا، مشينن جي بوءِ ۽ گوڙ سبب هي ٽڪريون ڄڻ ته ٽانڊا ٿي وينديون .
پوڙها هيءَ جابلو زمين هاڻي توهان جي ناهي رهي، هن زمين جا مالڪ اسان آھيون توهان کي ٽپڙ کڻڻا پوندا جيڪڏھن خاموش ٿا رهو ته هتي توهان جي نوجوانن کي روزگار ڏينداسين ٻي صورت ۾ جيل ڀوڳيندا، ڦونڊ ۾ آڪڙيل گن مين چوڻ ٿو لڳي.پوڙھي علڻ پٽڪائي جون اکيون ڳاڙھيون ٿي وڃن ٿيون، سندس ڏڪندڙ هٿ ۾ تنبورو لڏڻ ٿو لڳي، اسان هيءَ قديم وسندي ڪيئن ڇڏينداسين؟ جنهن وسندي ۾اسان جي وڏڙن جا هڏڙا دفن ٿيل آھن، هي جبل جن سان اسان جو تعلق صدين جو آھي، ھتان ڪيئي قافلا ڪاهون ڪندا آيا ۽ هليا ويا، پوڙھي ڌڪڙيل آواز ۾ جواب ڏنو. سندس آواز ايئن هو جيئن ڪنجهي جو مٽرجوآواز، پوڙھي علڻ پٽڪائي کي ڀنواٽي اچي ٿي وڃي، هو ٿڙڻ لڳي ٿو ۽ پوءِ ڌرتي تي ويهي ٿو رهي ۽سوچڻ ٿولڳي، ڪارونجهر کي به ڪيترن ئي سالن کان ڪٽڻ جو ڪم شروع آھي، جڏھن ته نوري آباد ۾پن بجلي ۽ ڪارخانا لڳڻ سان ڀل ته ترقي جو تصور برقرار هجي ،ليڪن پهاڙي سونهن اجڙي ويئي آھي، اتان جي شاعري ، ٻولي جو لهجو ،رهڻي ڪهڻي ، ثقافت ، موسم، پکي ،وڻ ٽڻ ۽ جابلوجانور مري چڪا آھن. اتان جون قديم غارون لڪ ۽ چاڙھيڪا پهنجو وجودوڃائي چڪا آھن. هو هٿ پٿريلي زمين تي کوڙي انهن جي زور تي اٿي بيهي ٿو ۽ ھيڏانھن هوڏانهن ايئن نهاري ٿو جيئن جنگ ۾ زخمي سپاهي نهاريندو آھي ۽ پوءِ هو هلندي ڀڻڪي ٿو. ڪانڀو،ڪارو ، بڊو ، گنجو ٽڪر ، لکي جبل، ڏاڙھياروجبل، پٻ جبل يا وري ٻين جبلن تان به ايئن اتان جي قديمي رهندڙ انسانن کي لڏائي، وڻن ، جانورن ، پکين مڪانن ۽ چوٽين کي ايئن ميساريندا جيئن اسان کي ميسارڻ جي ڪوشش ٿي رهي آھي، هو ويندي ٻيهر ڳائڻ لڳي ٿو.
ڏونگر مان سين روءِ ، ڪڍي پار پنهون جا
هو سڄڻ هيڪڙو سو ڦوڙائي ويو
ڪونهي ڪنهن جو ڏوهه ، امرمون سين ايئن ڪيو
سامهون ڪجھه عورتون گڏھن تي ٿانو کڻي پاڻي ڀرڻ لاءِ ويندي نظر اچن ٿيون ، ان ويلي روح تي هيءَ بيت باربار تري ٿو لڳي .
ڪنهن پر روئان پرين کي اندر ناهي اساٽ
لوهاڪا لڪن ۾ ، ويري مٿي واٽ
ڇپر ۾ ڇونڇاٽ ، ڏٺم ڏکوين جو
هن وقت جڏھن ڪراچي جي قديم وسندين کي ڊاهي اتي تعميرات ۽ ترقي جي نالي۾ قديمي رهاڪن کي بي گهر ۽ دربدر ڪرڻ جي ريهل سل شروع ڪئي ويئي آھي ته ان سان پهاڙين تي آباد هزارين پورهيت نه فقط پنهنجي ئي وطن ۾ نسل در نسل در بدر ٿي ويندا، گڏو گڏ پهاڙي ڳوٺن جون بيهڪون ، جاگرافي، ريتون رسمون ، جانور ۽ پکي پنهنجو وجود وڃائي ويهندا. گڏوگڏ پهاڙ جي سونهن ۽ اوچيون چوٽيون به پنهنجا ڪنڌ ڪپائي ويهنديون. اهي قديمي ڳوٺ جيڪي ان ساري علائقي ۾ ڪنهن ڪنٺي جي مڻين جيان پوتا رهيا آھن اهي به ڇڄي ٽٽي ويندا. پهاڙين کي سانوڻي مند دوران هنج ۾ وٺندڙ بادل به رسي ويندا ۽ برف به انهن پهاڙي چوٽين تي ڄمي نه سگهندي .
مون کي جبل خان نالي پوڙھو ياد ٿو اچي، جنهن سان ڪيئي سال اڳ ٿاڻو بولا خان ۾ ڪچهري ٿي هئي. آئون اتي هڪ دوست وٽ رهيل هئس، ان شام تيز گرمي ڪري اوطاق جي اڱڻ ٻاهران ريت تي رليون وڇائي ويٺل هئاسين، مٿان ڪڪر ڪار ٿي چڪي هئي ۽ واهوندي جي تيز هوا لڳي رهي هئي، سامهون ٽڪري تان لهي ڪوئي ماڻھو اسان ڏانهن اچي رهيو هو، اسان وٽ پهچي اتي اچي ويٺو. هو ٻڌائڻ لڳو ته هن کي تيز برسات جا اوساڻ ٿا اچن ان ڪري پهاڙي کي ڇڏي هن طرف نڪتو آھي. هن ٻڌايو هو ته ھو حڪيم آھي، هوجبل مان جڙيو ٻوٽيون هٿ ڪري ڦڪيون تيار ڪري پورهيت ماڻھن جو علاج ڪندو آھي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته اڳيون دور اهڙو پيواچي جو ماڻھو جبلن کي به ڪونه بخشيندا ،جبل ٽوڙي جابلو زندگي جو انت آڻي ڇڏيندا.
ڪڪر ڪار عارضي طور ٿوري هٽي ته هو ٻيهر ڪپڙي جي ڳوٿري ۽ لٺ ھٿ ۾ کڻي اٿي بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو، هاڻي هلون ٿا. مينهن وسڻ کان اڳ شال ڳوٺ پهچي وڃان، ڇاڪاڻ ته مينهن وسي ٿو پوي ته اڳيان هڪ تيز نئي به پار ڪرڻي پوندي جيڪا پل صراط کان گهٽ ڪونهي ، ايئن چئي هو هليو ويو. مون ڏٺو ته ٻيهر ڪڪر ڪار تيز ٿيڻ لڳي ان وقت مون کي پهاڙي ماڻھن جي دکي زندگي تي ارمان ٿيڻ لڳو ھو ۽ پوءِ سوچيو هو ته زندگي ته هونئن ئي مٿانهين پهاڙي تان ڪرندڙ ڪنهن گڊ جيان هوندي آھي جيڪو ڪرندي ڪرندي پهڻن تي لڳي ٽٽي ويندو آھي.
هن وقت ڪراچي جي قديم ڳوٺن جي زندگي هٿرادو ٽوڙي پيئي وڃي، جنهن سان هزارين سالن جي انساني تاريخ به مسمار ٿي رهي آھي.
ان ٻپهري جڏھن لڪ ويتر تيز ٿي ويئي هئي پهاڙين کي ٽوڙيندڙ ڳرين مشينن جي ڪري زمين ڌڏي رهي هئي ته مون کي اهو خيال الائي ڇو ذهن تي تري ٿي آيو ته ايندڙ رات ساڳي پهاڙي به برقرار نه هوندي، پوڙھو تنبور جي تارن کي ڏڪندڙ ھٿن سان ڇيڙي ڪوئي گيت جهونگاريندو الائي نه، منهنجي ذهن ڪينواس تي ان گذريل رات جا سارا عڪس ۽ مورو ڳائيندڙ علڻ پٽڪائي جا آواز گونجي رهيا هئا .
مان کي پنهنجو وطن مٺو
وطن پنهنجو مري ڇڏيان