زينب عباس عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي لاءِ تيار

0
530

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي مشهور اسپورٽس پريزنٽر ۽ ميزبان زينب عباس برطانوي ٽي وي چيئنل اسڪائي اسپورٽس تي پاڪستنا جي نمائندگي ڪندي. زينب عباس پاڪستان جي پهرين عورت اسپورٽس پرزنٽر آهي، جنهن کي پرڏيهي ٽي وي تي پاڪستان جي نمائندگي جو موقعو مليو آهي. زينب زينب عباس پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ برطانوي ٽي وي چينل جو لوگو به ڏسي سگهجي ٿو.