شعيب کي سدائين پريشان ڪندي رهنديس: ثانيه مرزا

0
529

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شعيب ملڪ جي زال ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا چيو آهي ته مان ايندڙ سالن ۾ به پنهنجي مڙس کي پريشان ڪندي رهنديس. ثانيه مرزا پنهنجي شادي جي 11هين سالگرهه جي موقعي تي سوشل ميڊيا سائٽ انسٽاگرام تي شعيب ملڪ سان گذاريل ڪجهه گهڙيون شيئر ڪيون. ڀارتي ٽينس اسٽار پنهنجي مخصوص پوسٽ جي ڪيپشن ۾ شعيب ملڪ سان مخاطب ٿيندي لکيو ته منهنجي سٺي ۽ خراب وقت جي همسفر کي شادي جي سالگرهه مبارڪ هجي. هن مزاحيه انداز ۾ لکيو ته انشاءَ الله مان اوهان ئي ايندڙ سالن ۾ به ائين ئي پريشان ڪندي رهنديس. ٻئي پايس ثانيه مرزا جي والد عمران مرزا به پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ذريعي ڌيءَ ۽ ناٺي کي واڌايون ڏنيون آهن.