لاهور (م ڊ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز بورچيخاني ۾ ڪم ڪرڻ جي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي. مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي بورچيخاني ۾ بيهي افطاري تيار ڪرڻ جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي. ويڊيو ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي به مريم نواز سان گڏ ڪچن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ڪيپشن ۾ مريم نواز لکيو ته هيءَ افطاري جي تياري ٿي رهي آهي، فروٽ چاٽ بنا ڪهڙي افطاري! هن وڌيڪ لکيو ته رڳو سياست ناهيون ڪندا. هن چاٽ ٺاهي ۽ ان مان ڪجهه حصو مريم اورنگزيب کي به ڏنو.