اسلام آباد(م ڊ) جي ڊي اي جي ايم اين اي سائره بانو چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي حڪومت جي پٺڀرائي هجڻ جو الزام هنيو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته هي حڪومت پاڻ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي پٺي نه ٿي ڏئي سگهي. ان جي پويان ڪو ٻيو آهي، هن چيو ته حڪومت چونڊن کان ڀڄي رهي آهي.