ريفرنڊم ڪرائينداسين جنھن ۾ ڪشميري فيصلو ڪندا ته پاڪستان سان گڏ رھڻو آھي يا آزاد: وزيراعظم

0
267

وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشميري ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي چوي تھ منھنجي حڪومت ھڪ وڌيڪ ريفرندم ڪرائيندي جنھن ۾ ڪشميري فيصلو ڪندا تھ پاڪستان سان گڏ رھڻو آھي يا آزاد؟
آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊ مھم ۾ تراڙ کل ۾ وزيراعطم عمران خان جو جلسي کي خطاب ۾ چوڻ ھو تھ گڏيل قومن ڪشمير جي ماڻھن کي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو ھو، منھنجو ايمان آھي تھ ڪشمير جي ماڻھن جي قرباني ضايع نھ ٿيندي.
ھن چيو تھ ھڪ ڏينھن ايندو ۽ ريفرنڊم ٿيندو ۽ فيصلو اوھان ڪندا تھ ھندستان سان نھ پر پاڪستان سان گڏ وڃڻ چاھيون ٿا، انھيءَ کان پوءِ منھنجي حڪومت ھڪ وڌيڪ ريفرنڊم ڪرائيندي جنھن ۾ ڪشمير جي ماڻھن کان پڇنداسين تھ پاڪستان سان گڏ رھڻ چاھيو ٿا يا آزاد رھڻ چاھيو ٿا؟
ھن جو چوڻ ھو تھ جنھن قوم آزادي جي لاءِ قربانيون ڏنيون آھن ھن کي حق ملڻ کپي، ھڪ ڏينھن ايندو اوھان کي موقعو ملندو، اوھان پاڻ فيصلو ڪندا.
وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير کي صوبو ٺاھڻ بابت لڳل الزام رد ڪري ڇڏيا.
عمران خان نواز شريف کي ٿلھو ماڻھو قرار ڏئي ڇڏيو
وزيراعظم عمران خان جو ڌانڌلي جي الزام تي چوڻ ھو تھ جڏھن مان ڪرڪٽ کيڏندو ھئس تھ ھر ملڪ پنھنجو امپائر بيھاريندو ھو، جنھن ٽيم کي ھارائڻ جو ڊپ ھوندو ھو اھو پھريان ئي چئي ڇڏيندا ھئا تھ امپائر ھارائي ڇڏيندا ۽ ن ليگ ھينئر کان ئي چئي رھي آھي تھ ڌانڌلي ٿيندي، آزاد ڪشمير ۾ حڪومت اوھان جي آھي، اليڪشن ڪميشن اوھان جو ۽ ڌانڌلي اسان ڪنداسين؟
نواز شريف تي تنقيد ڪندي عمران خان جو چوڻ ھو تھ ”جم خاني ۾ ھڪ موٽو شوقين ٿلھو ماڻھو نواز شريف ڪرڪٽ ميچ کيڏڻ اچي ويو، نواز شريف جڏھن آئوٽ ٿيندو اھي نوبال ڪري ڇڏيندا ھئا.
اليڪشن ڪميشن سڌارن تي سال کان لڳل آھي ۽ مخالف ڌر ڳالھيون نٿي ٻڌي.
اليڪشن سڌارن تي وزيراعظم جو چوڻ ھو تھ اليڪشن ۾ سڌارن لاءِ ھڪ سال کان مخالف ڌر کي دعوت ڏئي رھيا آھي پر اليڪشن سڌارن جي لاءِ ڪوبھ نٿو اچي، اسين مخالف ڌر کي اليڪٽرونڪ ووٽن جي تجويز ڏني .
ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ ھڪ سال کان لڳل آھيون، مخالف ڌر اسان جي نھ ٻڌي، جڏھن اليڪشن ٿيندي تھ چوندا ڌانڌلي ٿي وئي آھي.