ڪراچي: حب ندي ۾ ڪراچي واسي 2 عورتن سميت 3 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا

0
289

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) حب ندي ۾ ڪراچي واسي 2 عورتن سميت 3 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب حب ندي ۾ ڪراچي جي علائقي بلديه آفريدي چوڪ جا رهائشي تفريح لاءِ آيا هئا جتي پڪنڪ تي آيلن ۾ 2 عورتن سميت هڪ ٻارڙي ٻڏي فوت ٿي وئي، فوت ٿيندڙن جي سڃاڻپ 30 ورهين جي نعيمه عزيز خان، 19 ورهين جي حاجره ولد نياز محمد عمر ۽ 10 ورهين جي مريم ولد بختاور شاهه جي نالن سان ٿي آهي. فوت ٿيندڙ ڪراچي جا رهواسي آهن ۽ فوتين جو هڪ ئي خاندان سان تعلق هو جڏهن ته فوتين جا مڙه وارثن جي حوالي ڪيا ويا آھن