سون 600 رپيا سستو: ڊالر 161.95 رپين تي بيٺل

0
281

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ ) سون 600 رپيا سستو، ڊالر 161.95 رپين تي بيٺل رهيو، عيد جي موڪلن بعد ڪراچي جي صرافه بازار ڪالهه کان کلي وئي، عيد جو ٽيون ڏينهن هجڻ ڪري نالي ماتر گراهڪن بازار جو رخ ڪيو، ڪالهه سون 600 رپيا لاٿ سان 109900 مان 109300 رپيا تولو تي پهچي ويو ، جڏهن ته چاندي پڻ 50 رپيا واڌ سان 1450 مان 1500 رپيا ٿي وئي، ٻئي طرف ڊالر 161.95، پائونڊ 222 ۽ يورو 188 رپين تي بيٺل رهيا