روهڙي ويجهو ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 14 ڄڻا زخمي

0
178
گهوٽڪي شهر مان ٿانوَ وڪرو ڪندڙ 2 ڀائر اغوا
گهوٽڪي شهر مان ٿانوَ وڪرو ڪندڙ 2 ڀائر اغوا

روهڙي (ن پ ا) روهڙي ويجهو خبڙي ڀٽ واري علائقي جي ڳوٺ ڀاڳيو ڀنڀرو ۾ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو

جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪھاڙيون لڳڻ سبب چئن عورتن سميت ٻنهي ڌرين جا 14 ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي روھڙي تعلقه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

زخمين مان ٻن ڄڻن جي حالت وڌيڪ خراب ھجڻ ڪري کين سکر سول اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي، جهيڙي کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي

پوليس جهيڙو ختم ڪرائڻ لاءِ ٻنهي ڌرين جي ھڪ ھڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو