ماسڪو(م ڊ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن امڪاني قاتلاڻي حملي کان ذري تان بچي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ولاديمير پيوٽن تي قاتلاڻي حملي واري خبر جنرل ايس وي آرٽيلي گرام چئنل طرفان ڏني وئي، پر اهو واضح ناهي ته مٿس ڪهڙي وقت حملو ٿيو. رپورٽ موجب روسي صدر جي ليموزين گاڏي جي کاٻي پاسي جو اڳيون ٽائر زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو پر روسي صدر محفوط رهيو. عالمي ميڊيا موجب روسي صدر جي گاڏي تي حملو ڪيو ويو آهي پر سرڪاري سطح تي ان جي تصديق ناهي ٿي سگهي. پرڏيهي ميديا جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واقعي ۾ صدر ولاديمير پيوٽن محفوظ رهيو جڏهن ته واقعي بعد ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.