حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو لاٿ کائي 4 لک 24 هزار 458 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 4 لک هڪ هزار 34 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. منڇر جي سطح ۾ وڌيڪ لاٿ آئي آهي ۽ منڇر جي سطح 121.6 فٽ ٿي وئي آهي. دادو-مورو پل وٽ پاڻي جي سطح 125.2 ۽ آمري پل وٽ 106.8 فٽ رڪارڊ ڪئي وئي. گڊو جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 68 هزار 616 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 53 هزار 656 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. سکر وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 55 هزار 948 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 53 هزار 810 ڪيوسڪ تي پهتل آهي.