ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور جوڙي عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور کي ننڍڙي ڄائي آهي جنهن سان ملڻ لاءِ ايندڙن جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته هاڻي انهن لاءِ شرط رکي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور پيغام جاري ڪيو آهي ته ڪنهن کي به ڪووڊ ٽيسٽ ڪرائڻ کانسواءِ سندس ڌيءُ سان ملڻ جي اجازت نه هوندي. سندن چوڻ آهي ته رڳو ڪووڊ ٽيسٽ جي رپورٽ منفي اچڻ جي صورت ۾ ڌيءُ سان ملڻ ڏنو ويندو. گذريل آچر ڏينهن هر دل پسند جوڙي کي ڌيءُ جو اولاد ٿيو آهي جنهن جي خبر انسٽاگرام جي پوسٽ ۾ ڏني وئي. واضح رهي ته عاليا ڀٽ ۽ رنبير هلندڙ سال اپريل ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا.