رتوديرو: ٽريڪٽر هيٺان اچي زخمي ٿيل ٻن ٻارن دم ڏئي ڇڏيو

0
359
مورو ويجھو روڊ

رتوديرو (ن پ ا) رتيديري لڳ ڳوٺ مسوديرو ۾ رات دير سان ٽريڪٽر هيٺان اچي زخمي ٿيل ٻه ٻارڙا 8 ورهين جو علي احمد پٽ قائم الدين جلباڻي ۽ 10 ورهين جو ضمير پٽ خالد جلباڻي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويا، پوليس موجب رات دير سان ٽريڪٽر ڊرائيور نياز شيخ هڪ ٻارڙي کي ٽريڪٽر هيٺان چيڀاٽي زخمي ڪيو ته ٻارڙي جي وارثن ڊرائيور مٿان حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ڊرائيور بيهوش ٿي ويو ۽ ٽريڪٽر هن جي ڪنٽرول مان نڪري ويو ۽ ٻن ٻارڙن مٿان چڙهي ويو، جڏهن زخمي ڊرائيور جي حالت به ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي .