درسگاھن کي ڪورونا جي قھر کان بچائڻ گھرجي!
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فيڪلٽي آف ايجوڪيشن ايلسا قاضي ڪيمپس گاڏي کاتي جي ڊين ميڊم صالحا پروين کي اندازن ٻه ھفتا کن پھرين ڏٺم خوشگوار موڊ ۾ پنھنجي آفس مان نڪري گاڏي ۾ چڙهي رهي هئي. ھن فيڪلٽي ۾ مون سان گڏ بي – ايڊ ڪندڙ ڪلاس فيلو سيد عبدالقادر ميڊم صالحا پروين کي پري کان سلام ڪيو، ته ميڊم کلي خوش ٿي کيڪارڻ واري انداز ۾ ھٿ لوڏي جھڙوڪر سلام جو جواب پڻ ڏنو. سيد عبدالقادر موجب ميڊم صالحا صاحبه جي گھر ۾ شادي جو ڪو ڪاڄ ٿيڻ وارو ھو جنھن لاءِ ھو سندس مالڪن جي جوئيلري شاپ تان زيور خريد ڪرڻ لاءِ کانئس سون جا اگھه، زيورن جي جديد بناوت، گھڙت بابت معلومات ورتي، پر ھاءِ افسوس! اسان جي مانائتي استاد ميڊم صالحا پروين ڪورونا جي قھر سبب ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. ھتي واضح ٿو ڪجي ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سميت سنڌ جي سمورن تعليمي ۾ ادارن ۾ صفائي سٿرائي جا انتظام ڪڏھن به اطمينان بخش رھيائي ناھن .ان سلسلي ۾ ھاڻ وقت جي تقاضا آھي ته سمورن تعليمي ادارن جي استادن شاگردن ۽ انتظامي شعبي جي ملازمن کي بيوقتائتي موت کان بچائڻ لاءِ جنگي بنيادن تي انتظام ڪيا وڃن، جنھن لاءِ تعليم کاتو سنڌ ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سرگرم ڪردار ادا ڪن. اھي اسڪول ۽ ڪاليج جن ۾ پاڻي جا ڪنيڪشن ناھن، باٿ روم ڀڳل خراب حالت ۾ ھجن تن جو مرمتي ڪم ڪرائي مٺي پاڻي جا ڪنيڪشن مھيا ڪرڻ گھرجن، ڇو ته جر جي پاڻي ۾ صابڻ نٿو ڳري، سو پيئڻ ۽ صفائي سٿرائي لاءِ اسڪولن ڪاليجن سميت سمورن تعليمي ادارن ۾ دريا جي صاف پاڻي جي دستيابي ممڪن بڻائڻ گھرجي. فيڪلٽي آف ايجوڪيشن ميڊم ايلسا قاضي ڪيمپس ۾ ھاڻ ضرورت ان امر جي آھي ته ڪوروناوائرس کان بچاءُ جا جوڳا بندوبست ٿيڻ گھرجن، جيئن شاگردن ۽ استادن جي زندگي کي ڪو خطرو لاحق نه ٿئي.
ذوالفقار خاڪي/حيدرآباد
سياسي راند جي ڪهاڻي
سياسي بساط تي وکريل راند به عجيب هوندي آھي، ڪڏهن هڪ گهر بچائڻ مشڪل ٿي پئي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن پيادن هٿان بادشاه کي شھه ڏني وڃي ٿي،شطرنج جي بساط تي چال هلڻ ۾ تڪڙ نه ڪبي آھي جنهن به ٿوري تڪڙ ڪئي ڄڻ ته ان پنهنجا مهرا مارايا.  سو اڄ ڪلھ پاڪستان جي سياسي بساط وڇائي راند سجائي وئي آھي هن راند جا گرو پنهنجن مهرن سان لٿل آھن. حڪومتي روين احتساب جي نالي تي انتقام تذليل ۽ ٻين معاملن کي وٺي مخالف ڌر جي پارٽين پي ڊي ايم جهڙو هڪ سگهارو اتحاد جوڙيو، ان جي ڦوڪڻي مان هوا ان وقت نڪري وئي جڏهن اڪثريت هوندي سينيٽ جي چيئرمين واري اليڪشن هارائي ويٺا. ان وقت ٻنهي وڏين سياسي پارٽين سرگوشيون ڪندي هڪ ٻي کي شڪست جو سبب قرار ڏنو. اڃا پي ڊي ايم جي خوف جو ڀوت ختم نه ٿيو حڪومت جي مٿي جي سور وڌائڻ لاءِ عمران خان جو پراڻو ساٿي جهانگير ترين سياسي بساط تي پنهنجي مظلوميت ۽ بي گناهي جي راند سجائي پنجاب توڙي قومي اسيمبلي جي اڍائي درجن پيادن جي فوج پڻ لاٿي، (جن لاء سياسي حلقا چون ٿا حڪومت ڪيرائڻ لاءِ اها فوج ڪافي آھي) جهانگير ترين جا مرد مجاهد وڏي واڪي اهو اعلان ڪن پيا ته جڏهن اسان کي حڪم ٿيندو اسين اسيمبلين کان ٻاهر هونداسين. حمزا شھباز جي ضمانت هجي يا شھباز شريف جي آزادي جو لٽڪيل پروانو ان ڳالھه طرف اشارو ڪن پيون ته گهڻو ڪجھه بهتري طرف روان دوان آھي. چوڌري نثار جو ميدان ۾ لهڻ به ڪو اچانڪ جو قصو ناهي. نواز ليگ ۽ جهانگير خان ترين جي ڪجھه خيرخواهن پاران هڪ ٻي ڏانهن قرب ڀريا سنيها ته موڪليا ويا آھن پر برف مڪمل طور رجڻ لاءِ تيار ناهي. پ پ پ پنجاب ۾ ڪنهن معجزي کان سواءِ طاقت ۾ نه ٿي اچي سگهي،  باقي مستقبل ۾ ڪا به ڳالھه ناممڪن ناهي. ڪجھه ڏينهن اڳ وري پراڻا کلاڙي نئين انداز سان لاٿا ويا ملڪ کي جام ڪيو ويو. غريبن جي ملڪيتن کي نقصان رسايو ويو، ماڻھو گهرن تائين محدود ڪيا نيٺ حڪومت وڏي بهادري جو مظاهرو ڪندي ڪرين واري سرڪار تي پابندي هڻي ڪالعدم قرار ڏيئي ڇڏيو ۽ اهو ٻڌايو ته رياست اندر رياست قائم ڪرڻ جي اجازت نه ڏبي. اها سٺي ڳالھ آھي جو رياست اندر رياست قائم نه ٿئي پر ماضي ۾ اهڙن گروهن جي اخلاقي توڙي مالي مدد ڪرڻ وارا ماڻھو موجوده حڪومت جو حصو آھن انهن جي باري ۾ به رياست کي وقت ملي ضرور سوچي. ڪجھه سياسي مبصرن جو اهو خيال آھي ته خان صاحب مين نه مانون وارو فارمولو اپنائي پنهنجو پاڻ کي سياسي شھيد بڻائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھي.  پر لڳي ائين ٿو ته خان صاحب جيڪڏهن پاڻ سياسي بساط تي راند نه کيڏي ته راند کي ايڏو ته خراب ڪري ڇڏيندو، جو ڪا به سياسي ٽيم اچي ڪري آساني سان راند نه کيڏي سگهندي. ڪٿي وري بساط ويڙھي مهرن کي دٻن ۾ بند نه ڪيو وڃي.
حاڪم نصيراڻي
احساس ڪفالت پروگرام ۾ ڪرپشن
سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ غريبن کي ملندڙ احساس ڪفالت پروگرام جا 12000 هزار رپين مان ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي. پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرڪ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي روز خبرون هلن پيون ته احساس ڪفالت پروگرام سينٽرن تي سرعام ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي ۽ ايجنٽ ۽ ٺگن جا ٽولا سرگرم آهن. جڏهن ته احساس ڪفالت پروگرام سينٽرن مان ڪمائڻ لاءِ هٿرادو ويب چائنل جا لوگا  ٺهرائي پاڻ کي صحافي سڏائيندڙ گروهه به سرگرم ٿي ويو آهي. احساس ڪفالت پروگرام جي پيسن مان ڪٽوتي ٿيندڙ پيسن مان روز ايجنٽن جا پاڻ ۾ جهيڙا سوشل ميڊيا تي وائرل ٿين پيا، پر افسوس حڪومت پاران انهن ٺگن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ڪو به قدم ناهي کنيو ويو. يا ته حڪومت جي حامين ڀوتارن جا واٺا احساس ڪفالت پروگرام سينٽرن تي مقرر ٿيل آهن يا ته پوءِ جهيڙن ۽ عورتن جي ٿيندڙ تذليل مان حڪومت کي خوشي ملي ٿي. سنڌ ۾ غريب عورتن کي وفاق طرفان احساس ڪفالت پروگرام جا ملندڙ 12000 رپيا پورا نٿا ملن. پري پري کان عورتون اچن ٿيون کين انتظار ڪرايو وڃي ٿو. پيسن مان ڪٽوتي ته بعد جي ڳالھه آھي ان کان اڳ احساس ڪفالت پروگرام سنٽرن تي ايجنٽ مقرر ڪيا ويا آهن هزار هزار رپيا وٺي لائن جي اڳيان بيهاريو وڃي ٿو ان کان بعد احساس ڪفالت پروگرام جا ملندڙ 12000 رپين مان هڪ هزار کان 2هزار رپيا الڳ ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي. نه ته انتظار ڪرائي ڪرائي واپس ڪيو وڃي ٿو. روز اخبارن چينلن تي خبرون هلڻ باوجود  وفاق توڙي سنڌ حڪومت طرفان ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو ويو. اسان وزيراعظم عمران خان کي اپيل ڪنداسين ته سنڌ ۾ احساس ڪفالت پروگرام سينٽرن تي ٿيندڙ سرعام ڦرمار جو نوٽيس وٺي اهڙي سهولت مهيا ڪئي وڃي جيئن احساس ڪفالت پروگرام جا پيسا غريب عورتن کي گهر ويٺي ملي وڃن ۽ عورتن جي تذليل به نه ٿئي.
 ايس ايم لغاري- دادو
ٻارن جا حق ۽ حڪومت کان وسريل فرض
آءٌ روزانو 20 ڪلو ميٽر سفر طئي ڪري ڪاليج پھچندو آھيان. ان سموري سفر ۾ ڪيئي قصا ڪھاڻيون اکين اڳيان گذرندا آھن. ڪجھه ڏينھن پھريان ڪاليج لاءِ تيار ٿي نيشنل ھاءِ وي تي پھتس. اندازن ڪلو ميٽر کن سفر بعد گاڏي پنڪچر ٿي پئي ته روڊ جي ڀر ۾ ئي ٺھيل جھوپڙي نما پنڪچر شاپ تي گاڏي بيھاري مستري کي ٽائر طرف اشارو ڪري پڌر ۾ رکيل ڪرسي تي ويھي رھيم ته ستن اٺن سالن جو معصوم ڇوڪرو عجيب مرڪ سان ٽائر کولڻ لڳو. موسم جھڙالي ھئي. بھار جي موسم ۾ اتر کان گھلندڙ ٿڌي ھوا فرحت بخش لڳي رھي ھئي. ان سمي پکين جو ٽولو اڀ ۾ اڏامندي گذريو ته معصوم ٻالڪ ٽائر مان ھٿ ڪڍي جھڙالي موسم ۾ ڊوڙون پائيندڙ ڪڪرن ۽ اڀ ۾ اڏامندڙ پکين جي اڏام کي ڏسڻ لڳو. سندس استاد ڀر ۾ ويٺل ھو. اوچتو ٿڦڙ جي آواز سان دانھن پولار ۾ پڙاڏو بڻجي گونجڻ لڳي ۽ معصوم ٻالڪ جي نيڻن مان لڙڪ لارون ڪري وھڻ لڳا. جلدي ڪرسي تان اٿي ننڍڙي کي ڀاڪر ۾ ڀري کيس آٿت ڏيڻ لڳم ۽ کيسي مان سو روپئي جو نوٽ خرچي طور سندس کيسي ۾ وڌم ته اکين ۾ عجيب چمڪ اچي ويس. ھو سموري درد کي وساري وري ڌيان سان ٽائر کولڻ لڳو. ان پنجن منٽن جي منظر غمن جي ڪوھيڙي ۾ ويڙھي اندر ۾ ماتم برپا ڪري ڇڏيو. ڪيئي سوال ذھن ۾ اڀرڻ لڳا ته اسان جنھن ملڪ ۾ رھون ٿا اتي ٻارڙن جي ڀلائي لاءِ حڪومت طرفان ڪيترائي قانون جڙيل آھن بيشمار بين الاقوامي ۽ مقامي تنظيمون ۽ اين جي اوز ٻارڙن جي فلاح و بھبود لاءِ ڪروڙن جا فنڊ حاصل ڪري ايئر ڪنڊيشنڊ محل نما ريسٽورنٽس ۾ تقريبون ڪوٺائي ٻارڙن جي بنيادي حقن بابت پيپر پڙھي پاڻ کي سمورين ذميوارين کان آجو ڪري وٺندا آھنم پر جڏھن زميني حقيقتون ڏسجن ٿيون ته مايوسي پلئه پوي ٿي. ھٿن ۾ ڪستو کڻي پنندڙ ٻارڙا، اخبارون وڪڻندڙ، گيريجز تي مزدوري ڪندڙ ، بس اسٽينڊز  تي گاڏين جي صفائي ڪندڙ معصوم ٻالڪ، ڪارخاني جي نڪرندڙ زھريلي دز ۽ دونھين ۾ ساھ کڻندڙ ٻارڙا وقت جي حڪمرانن کان ڪيئي سوال ڪن ٿا ته آخر کانئن ڪھڙي خطا سرزد ٿي آھي، جو  جنھن عمر ۾ کين ڀنڀورين ۽ پوپٽن جي رنگن سان رھاڻيون گھرجن. نازڪ ھٿن ۾ رانديڪا سونھندا ھجن. روشن راتين ۾ امڙ ۽ ڏاڏي ۽ ناني کان ڪھاڻيون ۽ آکاڻيون ٻڌڻ گھرجن عمر جي ان حصي ۾  ٻارڙن جي ھٿن ۾ قلم ڪتاب ۽  رانديڪن بجاءِ ھٿوڙو ٻھارو ۽ اجگر مشينن جي حوالي ڪري ڇڏجي ته پوءِ جڙيل قانون آخر ڪھڙي ڪم جا.
روز ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتيون ۽ مٿن ٿيندڙ تشدد ڪنھن به صالح سماج لاءِ سٺو سنوڻ ناھي. ھتي ٻارڙا خوف جي دلدل ۾ ڦاٿل رھن ٿا، منجھن پيدا ٿيل خوف واري صورتحال ڪا لڪل به ناھي، سمورا واقعا توھان اسان جي سامھون ٿي رھيا آھن. اگر واقعي به ٻارڙن کي سماجي تحفظ فراھم ڪرڻو آھي.خوف جي دلدل مان ڪڍي محفوظ رستو فراھم ڪرڻو آھي. زبردستي پورھئي کان نجات ڏيارڻي آھي ته پوءِ حڪومت کي سنجيدگي سان ٺھيل قانونن تي عمل ڪرڻو پوندو. جزا ۽ سزا واري عمل کي پائيدار بنياد تي فعال ڪري ملوث گروھن کي سزائون ڏيڻيون پونديون.
بشير جانوري 
اجايا خرچ سجايا ڪريو
رمضان المبارڪ جو ڀلارو مھينو شروع ٿيڻ کان پوءِ اسان جا مسلمان ڀائر پھرئين روزي کان افطار پارٽين جي لاءِ پلاننگ ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آھن. صرف ڏيکاءُ ۽ نالي خاطر افطار پارٽين ۾ وڏن ماڻھن برادري جي رئيسن وڏيرن ڪامورن سياستدانن صحافين کي دعوتون ڏئين سوين ماڻھو گڏ ڪري ھڪ افطار پارٽي تي لکين روپيا خرچ ڪيا ويندا آھن. اھي جيڪي افطار پارٽين تي لکين روپيا خرچ ڪندا انھن جي پنھنجن محلن ۾ ڪيترائي غريب فاقا ڪٽڻ تي مجبور ھوندا آھن. اھڙي ئي طريقي سان عيد ملن پارٽين تي پڻ ساڳي طريقي سان پيسا اڏايا ويندا آھن اسين انھن دوستن کي گذارش ٿا ڪريون ته  اھڙن فضول خرچن کان بھتر آھي اھي پيسا انسانيت جي خدمت ڪندڙ ادارن کي ڏيو جيڪي بنا ڪنھن لوڀ ۽ لالچ جي ڏينھن رات صرف انسانيت جي لاء ڪم ڪري رھيا آھن. انھن ادارن ۾ اھم ادارا ايس آءِ يو ٽي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف  يورالاجي ۽ ٽرانسپلانٽ ۽ ٻيو اھم ادارو ايڌي فائونڊيشن آھي ٻيا به ڪيترائي فلاحي ادارا آھن پر ھنن ٻنھي ادارن جو ڪو به مٽ ن نه آھي. ايس آءِ يو ٽي اداري کي پوري سنڌ ۾ وسيع ڪرڻ  لاءِ ڊاڪٽر اديب رضوي ايس آءِ يو ٽي سکر برانچ، ايس آءِ يو ٽي ڪورنگي برانچ ۽ ايس آءِ يو ٽي گارڊن برانچ پڻ قائم ڪئي وئي آهي. لاڙڪاڻو سينٽر جو پڻ تمام جلد افتتاح ٿيڻ وارو آھي.
عبدالمجيد بروھي 
تحريڪ لبيڪ جا ڌرڻا
ان ڳالھه ۾ ڪو شڪ نه آھي ته جڏھن کان تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي آھي ته ھر ماڻھو جا حالات خراب ٿي ويا آھن، جنھن جي ڪري ھر عام توڙي خاص ماڻھو پريشاني کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھي. عمران حڪومت جي ڪري صرف عام شھرين جا حالات خراب نه ٿيا آھن ان سان گڏ مسلسل ملڪي نظام جو ستياناس ٿي رھيو آھي جنھن ۾ خاص ڪري ملڪي معيشت مڪمل طرح ڏيوالي جو شڪار آھي. معاشري اندر بک بدحالي بيروزگاري ڏينھون ڏينھن عروج تي وڃي رھي آھي. اڄ ڪلھه وري ملڪي حالات خراب ۽ تباھيءَ ڏانھن وڃي رھيا آھن ھر پاسي افراتفري ھنگاما احتجاجي مظاھرا ڌرڻا روڊ بلاڪ سان گڏ ڪاروبار بند لڳو پيو آھي. ايتريقدر جو جھازن جا شيڊول متاثر ٿيڻ سان گڏ عوام جون پوليس سان چڪريون جھيڙا وڌي رھيا آھن. خاص ڪري وڏن شھرن ۾ پوليس سان گڏ بي قصور عوام کي لتاڙيو ماريو پيو وڃي. پابندي پيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ علامه سعد رضوي کي بنا ڪنھن ڪيس جي وچ لاھور مان گرفتار ڪيو ويو، جنھن کي حڪومت غلط رنگ ڏئي آزاد ميڊيا وڌائي ڪري بيان ڪري رھي آھي. پر ھاڻي ملڪ جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قانوني طريقي سان سنجيدگي جو مظاھرو ڪري جيڪڏھن قانون کان ھٽي ڪري اناپرستي ۾ فيصلا ڪيا ويا ته اھي عوام سان گڏ پوري ملڪ جي لاء خطرناڪ ثابت ٿي سگھن ٿا حڪمرانن جي لاء ھي بھترين وقت آھي ته ھو پنھنجي سياسي دشمني ۽ اناپرستي کي ڇڏي قانوني طريقي سان صورتحال تي ڪنٽرول ڪن بھتر ٿيندو جيڪو ملڪ جي ڀلائي لاء پڻ بھتر فيصلو ثابت ٿي سگھي ٿو
ذوالفقار چانڊيو سڪرنڊ
سنڌ ۾ وڌندڙ بيروزگاري جا سبب
ايڪويهين صدي جو دؤر آھي دنيا چنڊ تي پهتي آھي ۽ هاڻي مريخ تي آبادي لاءِ ڪوششون جاري آھن ۽ اسين اڃا روزگار واري پريشاني مان ناهيون نڪري سگهيا. هن وقت سنڌ ۾ بيروزگاري جي شرع ڄاڻڻ لاءِ اسين ڪنهن سرڪاري رپورٽ ڏانهن نٿا وڃون بس تعليمي کاتي ۾ آيل نوڪرين لاءِ مليل درخواستن مان اندازو لڳايون ٿا. سنڌ تعليم کاتي ۾ هن وقت استادن جون 37 هزار جايون خالي آھن، جن تي ٽن سالن ۾ ڀرتيون مڪمل ڪيون وينديون، تنهن سبب هن سال پهرين مرحلي ۾ ٻارنهن هزار جاين جو اشتهار ڏنو ويو آھي، جن لاءِ درخواست جي اهليت صرف گريجوئيٽ ٿيل شاگردن وٽ آھي. IBA سکر وٽ جمع ٿيل درخواستن جو تعداد پنج لکن تائين ٻڌايو پيو وڃي. مطلب سنڌ جي گريجوئيٽ ڪيل شاگردن جو تعداد پنج لکن کان مٿي آھي جيڪي بيروزگار ويٺا آھن.
ايڏي وڏي پئماني جي بيروزگاري جو سبب ڇا آھي؟ ملڪ ۾ جيڪڏهن ٽن نوڪرين جو اشتهار ڇپجي ٿو ته ان لاءِ ٽي لک درخواستون جمع ٿي وڃن ٿيون جن جي چالانن جي رقم ايتري ٿئي ٿي جو انهن پئسن مان رٽائر ٿيڻ تائين انهن ملازمن کي پگهار ڏئي سگهجي ٿي. ان جو سبب طبقاتي نظام آهي مهرباني ڪري قوم جا سڄڻ ٿيو طبقاتي نظام ختم ڪري غريبن کي اڳتي وڌڻ ڏيو انهن جا مستقبل انهن لاءِ تنگ نه بڻايو….!!!
امجد منير سرگاڻي
احساس ڪفالت جي قسط ۽ مستحقن جي تذليل
اسان جي ملڪ جا ڪافي کاتا ايمانداري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آھن ۽ بي ايماني ۾ ايتري ته ايمانداري ڪندا آھن جو بي ايماني نظر ئي نه ايندي آھي. پهرين مستحن لاءِ بيت المال جا پئسه پوسٽ ذريعي ايندا هئيا ته پوسٽ آفيس وارن جا ٺٺ ھوندا ھئا ان کان پوء سسٽم ڊجيلٽلائيز ڪيو ويو ۽ مستحقن جا پئسه ڪارڊ تي اچڻ ذريعي جاري ڪيا ويا ته ان پهرين ته انڪم سپورٽ آفيس وارن ڪافي ڪارڊ پاڻ وٽ رکي ڇڏيا  اڪثر اٻوجھ عورتن کي پارڊ پن اي ٽي ايم تي هڻڻ نه پئي آيو ته اتي ايجنٽ ڪڙڪي پيا ۽ ڪوڊ هڻي عورتن کان خرچي 100 روپيا وصولي جي شروعات ٿي جنهن کاان پوء عورتن جا ڪارڊ بئنڪ عملي سان ملي ڀڳت ڪري اي ٽي مشين ۾ ڦاسايا ويا جڏهن کان قسط 5000 کان وڌڻ شروع ٿي ته ڊيوائيس هولڊرن ۽ ايجنٽن جون فيسون به وڌي ويون  آھن. مان يقين سان چوان ٿو اگر انهن ڪرپٽ ماڻھن ڪيو ته انهن جون امڙيون ابو ۽ ڀينر اولاد ۽ گهرواريون اهي گفٽو ۽ قيمتي تحفه سندن منهن تي اڇلائي هڻندا ته اهڙي تحفي کان ائين ڀلا آھيون ، خدارا يتيمن بيواهن غريبن مفلسن مستحقن جي مدد ڪريو انهن لاء آسانيون پئيدا ڪريو جيئن خدا تعالي اوهان لاء آسانيون پئيدا ڪري، ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ وس وارن کي گهرجي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هجي يا احساس ڪفالت مستحقن سان بيواجبيون ۽ تذليل کي روڪڻ لاء جوڳا قدم کڻڻ گهرجن ۽ ڊوائيس ڊيوائيس هولڊرن جي به مڪمل جانچ ٿيڻ گهرجي انهن پنهجي لاء ڪيترو مال غنيمت ٺاهيو آھي.
شاهد علي راڄپر – ٺاروشاھ
معذورن جا حق نه کائو
سُپريم ڪورٽ جي 28هين فيبروري 2020ع واري فيصلي جي تعميل ڪندي نادرا طرفان رجسٽرڊ ڪُل معذور ماڻهن بابت مجموعي مواد بس رڳو ڳڻپ ڪري پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي آفيشل ويب سائيٽ تي رکي وئي آهي. رپورٽ موجب سال 2021ع جي 28هين فيبروري تائين سموري پاڪستان ۾ ٽي لک ايڪهتر هزار اَٺ سئو ٽيٽيهه انسان مُختلف عُذرن سبب معذور آهن. جن مان ٻه لک پنجانوي هزار ٽيانوي ڄڻا جسماني معذور، ايڪهٽيهه هزار نو سئو چوڏهن ڄڻا دماغي طور معذور آهن. سموري مُلڪ ۾ پنجويهه هزار هڪ سئو ٽياسي انسان ٻوڙا گونگا آهن، جڏهن ته پاڪستان ۾ اوڻيهه هزار ڇهه سئو ٽيتاليهه ڄڻا نابين آهن، انهن تمام ماڻهن کي حوصلو ڏيڻ لاءِ معذور سڏڻ تي پابندي لڳائڻ لاءِ به الڳ قانون پاس ڪري انهن کي اسپيشل افراد سڏيو ويو آهي. پر پوءِ انهن ماڻهن تي لاڳاپيل ادارا ۽ لاڳاپيل آفيسر ذري برابر به ڌيان نٿا ڏين. ڪورٽ سڳوري به پنهنجي فيصلي ۾ انهن سمورن معذور / اسپيشل انسانن جي بهبود، ڀلائي، بهتري، صحت، علاج، تعليم، سکيا، هنر، روزگار، خوراڪ، اجهي ۽ ضروري سار سنڀال لهڻ لاءِ قومي ۽ صوبائي حڪومتن کي پابند ڪيو آهي ۽ انهي سلسلي ۾ قومي ۽ صوبائي سطح تي بهترين قانون به موجود آهن ۽ انهن ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ هڪ مُنظم شرستو ۽ مُڪمل انتظامي ڍانچو پڻ موجود آهي ۽ هر ضلعي کي رڳو مُعذورن جي مَد ۾ ڪروڙين جا ماهوار فنڊ به ملن پيا پر پوءِ به تمام وڏي گهري ڏک ۽ گهاٽي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته مٿان کان وٺي هيٺ تائين اسان وٽ انتظامي طور اهڙا ته آفيسر سڳورا آهن جيڪي وڏيون وڏيون رشوتون وٺندي وڏا پگهار کڻندي به سرڪاري مال مان هر مهيني لاءِ مقرر ٿيل معذورن جا به حق کائي ۽ ڦٻائي وڃن ٿا.
دين مُحمد ڀنڀرو- ٽيڀري ڀنڀرا، ڇور