سوال/سروي عمران کي وزيراعظم جهانگير ترين بڻايو هو، حڪومت ختم به ڪري سگهي ٿو: عوام

0
519

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف جا 40 پارليامينٽرين جهانگير ترين جي حق ۾ استعيفا ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن ۽ حڪومت کي آخري وارننگ ڏني آهي، ڇا حڪومت جهانگير ترين خلاف ڪيسن ۾ رعايت ڏيندي ؟ ڇا جهانگير ترين حڪومت لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿو؟ ڇا جهانگير ترين پي ٽي آءِ جو ڌار گروپ ٺاهي وٺندو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻ وارو جهانگير ترين آهي جيڪو ميمبرن جو جهاز ڀري آيو هو، عمران سرڪار هلي به ترين جي ڪري ٿي، 40 ميمبرن جي استعيفا جي وارننگ ڏئي جهانگير ترين حڪومت لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي، حڪومت کيس رعايت نه ڏني ته عمران سرڪار لاءِ ڏچو ٿيندو، جهانگير ترين ڌار نئين پارٽي ٺاهي سگهي ٿو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي بابر وساڻ لکيو ته جهانگير ترين هڪ تمام وڏو طاقتور آهي ان خلاف وڏي ڪارروائي نه ٿيڻ مان لڳي رهيو آهي عمران خان ٻٽ بڻيل آهن، خادم گهراڻو لکيو ته جهانگيرترين هڪ نئون گروپ ٺاهيندو، گل حسن شر لکيو ته ترين جو احتساب صرف ڏيکاءُ آهي، نورالله لکيو ته ٿي سگهي ٿو ڏيکاءُ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ٿيندو هجي، يونس نهڙي لکيو ته ٿي سگهي ٿو جهانگير ترين حڪومت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏي، شاهد ڏاهري لکيو ته اهي پاڻ ۾ مليل آهن، منيش واسو لکيو ته جھانگير ترين الڳ پارٽي ٺاھي سگھي ٿو، عبدالجبار سومرو لکيو ته اهو ڪو نئون ڪم ناهي، مشتاق ميراڻي لکيو ته عمران خان جي حڪومت ختم ٿيندي، فضل الرحمان بگٽي لکيو ته اهي ڀلي استعيفا ڏين عمران خان جا ميمبر پورا آهن، محمد خالد ميمڻ لکيو ته جهانگير ترين ۽ سندس ساٿي ڪجهه نه ڪري سگهندا، نماڻو نوناري ۽ زوار عبدالڪريم مغيري لکيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جهانگير ترين جي ڪري هلي رهي آهي، علي عباس شر لکيو ته جيڪڏھن جھانگير ترين جي حمايت ۾ پارليامينٽ ميمبر استعيفا ڏني ته حڪومت لاءِ ڏچو ٿيندو، غلام حسين ڀٽي لکيو ته جهانگير ترين پنهنجي جهاز ۾ ميمبرن کي کڻي اچي عمران خان کي وزيراعظم بڻايو هو، تنهن ڪري پريشانيون پيدا ڪري سگهي ٿو، ساگر علي هليو لکيو ته عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻ وارو جهانگير ترين هو، کيس ڪيس ۾ رعايت ملندي، سليم اختر لکيو ته جهانگير ترين الڳ گروپ نه ٺاهيندو نه هئي حڪومت لاءِ خطرو بڻجندو، غلام قادر مراداڻي لکيو ته عمران خان ڪمزور ڪري اقتدار کان ڌار ڪندا، شنڪر باغي لکيو ته عمران لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون پيون وڃن، عبدالحفيظ ملاح لکيو ته پي ٽي آءِ سرڪار ٺاهڻ ۾ جهانگير ترين جو وڏو هٿ آھي کيس حڪومت رعايت ڏيندي، امير بخش گجو لکيو ته جھانگير ترين ڪرپشن ڪري حڪومت سان گڏ رھي ڪري حڪومت لاءِ ڏچو پيدا ڪيو ، اي جي بلوچ لکيو ته عمران خان ترين سان ٻٽ آهي، يار محمد ميمڻ لکيو ته ڪير به استعيفا ڪونه ڏيندو، ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته جيڪڏهن 40 ميمبرن ترين جو ساٿ ڏنو ته جيڪو ڪم پي ڊي ايم نه ڪري سگهي اهو ڪم اهي ڪندا، منان ميمڻ لکيو ته مال تي ڌمال آهي، توفيق لنڊ لکيو ته ڪجھه به نه ٿيندو عمران حڪومت پنج سال پورا ڪندي، اعظم عالماڻي لکيو ته اعظم عالماڻي لکيو ته حڪومت بند گھٽي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، صوفي منصور لکيو ته ڪڏهن به انهن تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي، اي ڊي لغاري لکيو ته عمران خان ترين سان ٺهي نه هلندو، فدا حسين لغاري لکيو ته حڪومت لاءِ هاڻي ڪو به مسئلو ناهي، آفتاب لغاري لکيو ته پارٽي سطح تي حڪومت کي نقصان ٿيندو، ايم علي وراڙ لکيو ته شايد هن دفعي پلان جو حصو جهانگير ترين هجي، عرفان شر لکيو ته جھانگير ترين ۽ چوڌري نثار پاڻ ۾ ھڪ پليٽ فارم تي نئين پارٽي ٺاھيندا، ٻلونت سنگهه سوڍو لکيو ته گروپ بندي جهڙي صورتحال آهي. طارق باجڪاڻي لکيو ته جھانگير ترين انصاف سرڪار جو وڏو سھارو آهي، مير ڀٽي لکيو ته جهانگير ترين حڪومت لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي، ممتاز علي ڪنڀر لکيو ته حڪومت سخت فيصلا نه ڪيا ته مستقبل ۾ ماڻهو کيس رد ڪندا، شمس الدين رند لکيو ته عمران خان جهانگير ترين کي اين آر او ڏيندو، جمال الدين چنا، نياز ڪلوئي، حسين احمد، وسيم عباس منهاس، شعيب اختر اوڳاهي، زاهد منگي، قادر بخش زئور، ذوالفقار شر،بابر خان، سينگار علي، اسد ديشي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، اسلم سومرو لکيو ته پاڻ ٺهي ويندا، بادل سگراماڻي لکيو ته ترين حڪومت لاءِ پي ڊي ايم کان وڏو خطرو بڻجي ويو آهي.