راڻا ثناءُ الله جا گرفتاري وارنٽ جاري، 7 مارچ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

0
241

گجرانوالا: دهشتگردي ٽوڙ عدالت وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن

دهشتگردي ٽوڙ عدالت گجرات جي انڊسٽريل ٿاڻي ۾ راڻا ثناءُ الله جي خلاف داخل هڪ ڪيس ۾ وفاقي گهرو وزير جا قابل ضمانت وارنٽ گرفتاري جاري ڪيا ويا آهن ۽ پوليس کي ان کي 7 مارچ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

راڻا ثناءُ الله جي خلاف 5 آگسٽ 2022 تي ق ليگ جي مقامي اڳواڻ شاهه ڪاز اسلم جي مدعيت ۾ دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيوويو هو، جنهن ۾ ان تي چيف سيڪريٽري ۽ ان جي گهروارن کي جان سان مارڻ جي ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام لڳايو ويو آهي

گجرات پوليس ڪيس کي خارج ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي هئي جنهن تي عدالت پوليس جي رپورٽ کي خارج ڪندي جوابدار جا قابل ضمانت وارنٽ گرفتاري جاري ڪيا آهن

عدالت جاچ آفيسر، لاڳاپيل ڊي ايس پي ۽ ايس پي انويسٽيگيشن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 7 مارچ تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو آهي

هي به پڙهندا

پنجاب ۽ ڪي پي جي چونڊن تي پاڻمرادو نوٽيس: پي ڊي ايم جسٽس اعجاز ۽ جسٽس مظاهر تي اعتراض واري ڇڏيا