دڙو (ن پ ا) آل پارٽيز ايڪشن ڪاميٽي ضلعي سجاول پاران ٻئي مرحلي ۾ دڙو شهر ۾ ڊي سي سجاول خلاف شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، اڳواڻن دڙو پڃاري پل کان ريلي ڪڍي شهر ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، سخت نعري بازي، ان موقعي تي مختلف پارٽين جي اڳواڻن يونس ڀان، نثار ميمڻ،عبدالواحد خاصخيلي، مظفرلغاري، يوسف ڪنڀر، اسد الله ميمڻ، نظام ميمڻ،قادر بخش زئور ۽ ٻين دانيهندي چيو ته سجاول ضلعي کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي، هنن الزام هنيو ته ڊي سي سجاول ھڪ سياسي ڌر جي چوڻ تي ضلعي جي بجيٽ ملي ڀڳت ڪري ھڙپ ڪري رھيو آھي، سندس مقرري کانپوءِ ضلعي اندر ٽڪي جو به ترقياتي ڪم ناھي ٿيو، ڌارين کي ڪوڙا ڊوميسائل ٺاهي ڏنا پيا وڃن، هنن چتاءُ ڏنو جيڪڏهن ڊي سي کي نه هٽايو ويو ته ٻي صورت ۾ وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ڏانهن مارچ ڪنداسين.