ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ جي ٽڪر سبب روڊ تي بيٺل ٽرڪ ڊرائيور 30 ورهين جو وسيم ميراڻي فوت ٿي ويو، فوتي ڊرائيور جو لاش تعلقي اسپتال ڪنڊيارو آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي ڊرائيور خيرپور جي علائقي شادي شهيد جو رهواسي هو، پوليس ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته حادثي بعد ڊرائيور فرار ٿي ويو.