ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ، سرڪاري ملازم قتل، ڪورنگي جي عوامي ڪالوني ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري 28 ورھين جي محمد جميل پٽ پھلوان خان کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پھچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب مقتول جي کيسي مان سروس ڪارڊ مليو، سروس ڪارڊ موجب مقتول سرڪاري اداري جو ملازم آھي پوليس موجب واقعو ڦر دوران مزاحمت تان پيش آيو،