ڏيپلو (ن پ ا) ڏيپلو جي ڳوٺ موٽاٽيو ۾ 60 ورهين جي پيرسن رتن عرف ڪارو ميگھواڙ جو جھنگ مان وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو، اطلاع تي پوليس پھچي لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان فوتي رتن جي ڀاءُ ٻڌايو ته رتن جون 2 شاديون ٿيل آهن، هن چيو ته غربت هئي، ٻي ڪا پريشاني ناهي، اڄ ڀاءُ جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو آهي، وارثن الزام هنيو ته ڳوٺ جي بااثر پيرسن کي قتل ڪري لاش وڻ ۾ ٽنگيو آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مامري جي جاچ ڪرائي جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته مامري جي جاچ ڪيون پيا.