دولتپور صفن ڀرسان گهر جي ڀت ڪرڻ سبب پورهيت دٻجي فوت

0
135

دولتپورصفن(ن پ ا) دولتپورصفن ڀرسان ڳوٺ وريام اوٺو ۾ گهر جي مرمتي ڪم واري مزدوري ڪندڙ پورهيت 40 سالا محمد خان اوٺو مٿان اوچتو گهر جي ديوار ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن ۾ پورهيت دٻجي موقعي تي فوت ٿي ويو. جنهن کي ڳوٺاڻن ڪريل ديوار ھيٺان ڪڍي مقامي اسپتال آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد سندس مڙھ مائٽ اباڻي ڳوٺ نظر محمد اوٺو کڻي ويا، مڙھ گهر پهچڻ تي سندس وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي غريب مزدور ھو جيڪو مزدوري ڪري پنهنجي 4 معصوم ٻارڙن ۽ وني جو پيٽ گذر ڪندو هو.